بلاول ڀٽو زرداري جا قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران پي ٽي آءِ جي قيادت تي به وار

مَي 15, 2024

بلاول ڀٽو زرداري جا قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران پي ٽي آءِ جي قيادت تي به وار، پي ٽي آءِ ميمبرز جو گوڙ ۽ نعريبازي، بلاول چيو ته پي ٽي آءِ وارا هڪ پاسي آئين جي بحالي جي ڳالهه ڪن ٿا ٻئي پاسي ڳالهيون رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج سان ڪرڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ وارا اڄ به اسٽيبلشمينٽ کي پيرين پئي سياست ۾ آڻڻ چاهين ٿا، هنن جي سياست منافقت تي ٻڌل آهي، پنجاب ۾ عثمان بوزدار ۽ هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ گنڊاپور تحفي ۾ ڏنو ويو آهي، علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير ڪنهن ٻئي بڻايو آهي، پي ٽي آءِ جو ليڊر پهرين رات ئي جيل ۾ گهٻرائجي ويو هو، ڪجهه مهينا جيل ۾ رهڻ بعد هاڻي هو بيزار ٿي چڪو آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي تقرير رڳو روئڻ پٽڻ تي ٻڌل هئي، اپوزيشن کي پٽڪو ڪرڻ بدران حڪومت سان ڊائلاگ ڪرڻ گهرجي، اپوزيشن ميمبرز جي پارليامينٽ ۾ پگهار تڏهن حلال ٿيندي جڏهن اها مثبت ڪردار ادا ڪندي

Leave A Comment