بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات: معاهدن تي عمل نه ڪرڻ جا ڏوراپا، شڪايتون ختم ڪنداسين: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 23, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي، ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پيپلزپارٽي وزيراعظم کي پنجاب ۾ لکت ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، پ پ قيادت چيو ته پنجاب حڪومت ۾ پ پ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،  ان حوالي سان ٻنهي پارٽين جي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽين جو اجلاس آچر ڏينهن گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندو، ذريعن موجب پ پ جا خدشا ختم ڪيا ويندا، ذريعن موجب ملاقات جي اهم ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت هڪ اهم قانونسازي ڪرڻ واري آهي جنهن تي پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو، سومر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، وزيراعظم قانونسازي تي سمورن اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي رهيو آهي، وفد ۾ پ پ پاران شيري رحمان، نويد قمر، راجا پرويز اشرف شامل هئا، ن ليگ پاران اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُالله شامل هئا، وزيراعظم پاران بلاول کي ڊنر تي گهرايو ويو هو.

Leave A Comment