بلاول کي وزيراعظم پرچائي ورتو، پ پ بجيٽ منظوري ۾ ساٿ ڏيندي: وفاق ۽ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ لاءِ ڪاميٽيون قائم

جُون 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي بجيٽ جي منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي، گڏو گڏ هن وزير اعظم کي بجيٽ بابت پنهنجن خدشن کان به آگاهه ڪيو. وزير اعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزير اعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شموليت ۽ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو شڪايت ڪئي ته حڪومت ڪنهن فيصلي سازي ۾کين اعتماد نه پئي وٺي ۽ سنڌ جي مختلف منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سنجيدگي ناهي ڏيکاري. ذريعن موجب وزيراعظم پ پ چيئرمين کي سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار،ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب،رانا ثناءُ الله،عطا تارڙ ۽ علي پرويز ملڪ به موجود هئا. پيپلزپارٽي بجيٽ ۾ صلاح مشورو نه ڪرڻ تان وفاقي حڪومت کان ناراض هئي، 12 جون تي بجيٽ اجلاس ۾ بلاول شرڪت نه ڪئي هئي، پيپلزپارٽي جا ڪجهه ئي ميمبر علامتي طور تي ايوان ۾ شامل ٿيا هئا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ تي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو معاملو وزيراعظم سامهون رکيو، بلاول چيو ته پ پ معاهدي تحت حڪومت جي حمايت ڪئي، حڪومت پ پ سان ڪيل معاهدي تي عمل ناهي ڪيو، بلاول چيو ته پنجاب حڪومت پ پ جا رستا سوڙها ڪري رهي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم بلاول جي ڪيترن ئي ڳالهين سان اتفاق ڪيو، معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، پ پ ۽ حڪومت جون ڪاميٽيون اڄ ملاقات ڪنديون، معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو.

Leave A Comment