پکي ويجهو گهر  وارن سان ڪاوڙجي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

آگسٽ 27, 2024

پکو (ن پ ا) پکو جي ڳوٺ گھوگھارو ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي 40 سالن جي نوجوان روشن چانڊيو ڪوئا مار دئوا پئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻو  اسپتال منتقل پئي ڪيو  جنهن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، بعد ۾ نوجوان جو لاش لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي گھروارن جو چوڻ ھيو ته روشن چانڊيو نشو ڪرڻ جو به عادي ھيو نشي واپرائڻ لاءِ پئسا نه ھجڻ ڪري گھر وارن سان ڪاوڙجي گهر ۾ پيل زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Leave A Comment