خالي فارم 45 تي صحيحن جو انڪشاف: بلوچستان ۾ پولنگ عملو اغوا: پنجاب ۾ جهيڙا، هڪ ڄڻو مارجي ويو

اپريل 22, 2024

ڪراچي (م ڊ) ضمني چونڊ دوران خالي فارم 45 تي صحيحون ڪرڻ جو انڪشاف، بلوچستان ۾ پولنگ عملو اغوا، پنجاب ۾ مختلف هنڌن تي جهيڙا به ٿيا، ن ليگ جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو. تفصيل موجب ضمني چونڊ دوران مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ۽ حامين ۾ جهيڙا به ٿيندا رهيا، لاهور ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن هٿئين پئجي ويا، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو، شيخوپوره ۾ به ن ليگ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، ڪجهه وقت لاءِ پولنگ روڪي وئي، رحيم يار خان ۾ به پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڇڪتاڻ رهي. پنجاب جي پي پي 54 نارووال ۾ پولنگ اسٽيشن ويجھو فائرنگ ڪئي وئي، ن ليگ جو ڪارڪن 60 ورهين جو محمد يوسف مارجي ويو، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي غنڊاگردي برداشت نه ڪنداسين، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب پاران ڊي پي او سان رابطو ڪري معاملي متعلق رپورٽ طلب ڪئي وئي،هوڏانهن بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله  ۾ ھٿياربند پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا. چيف اليڪشن ڪمشنر آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن مختلف اميدوارن ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي درخواست تي بلوچستان جي چونڊ تڪ پي بي 50 جي پولنگ اسٽاف جي مبينا اغوا واري واقعي جو نوٽيس ورتو، ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته پولنگ اسٽاف جي اغوا جو ڪو به واقعو پيش ناھي آيو.  جڏهن ته پنجاب جي صوبائي تڪ تي پرزائيڊنگ آفيسر پاران خالي فارم 45 تي ايجنٽس کان صحيح وٺڻ جو انڪشاف ٿيو، اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 149 لاھور ۾ پرزائيڊنگ آفيسر پاران پولنگ ايجنٽس کان خالي فارم 45 تي صحيح وٺڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل اهڙي معاملي تي وڊيو سامهون آندي، اميدوار چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر کي پڪڙيو آهي، صحيح ٿيل فارم 45 آر او آفيس کي موڪليا ويا آهن، پي او چيو ته في الحال رڳو صحيح ڪرايون ٿا، رزلٽ سڀني جي سامهون ٺاهينداسين.

Leave A Comment