بلنڪن جو وچ اوڀر وارو دورو ناڪام، ٽياڪڙن جون معاهدي لاءِ ڪوششون: نيتن ياهو تي جنگبندي ڳالهيون مڃڻ لاءِ دٻاءَ

آگسٽ 23, 2024

واشنگٽن/ قاهره/ تل ابيب (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي غزه جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ جلد کان جلد ڊيل ڪرڻ تي زور ڏيندي قاهره ۾ جاري ڳالهين کي انتهائي اهم قرار ڏئي ڇڏيو. غير ملڪي خابرو ايجنسي رائٽرز موجب وائيٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري غزه جنگبندي ۽ قاهره ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه جنگبندي جي ڪوششن ۾ مصروف قطر، مصر ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر قاهره ۾ ويهڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. خابرو ايجنسي موجب آمريڪي صدر، اسرائيلي وزيراعظم کي چيو ته جنگبندي ڊيل ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري سيز فائر ۽ قيدين جي آزادي جا معاملا طئي ڪيا وڃن. رائيٽرز موجب جوبائيڊن ۽ نيتن ياهو ايران، حزب الله، حماس ۽ حوثين جي قدمن خلاف اسرائيل لاءِ آمريڪي قدمن تي خيالن جي ڏي ڪئي وئي، ان حوالي سان مستقبل ۾ آمريڪي فوج جي مقرري تي به ڳالهيون ٿيون. هوڏانهن اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي جي سربراهه ميجر جنرل اهرن هاليوا آڪٽوبر 2023 تي حماس جو حملو روڪڻ ۾ ناڪامي جي ذميواري قبول ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسرائيلي فوج ۾ اوچتو تبديلي اسرائيل تي ايران جي حملي جو خطرو وڌي رهيو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي جهاز بردار يو ايس ايس ابراهم لنڪن لنڪن وچ اوڀر پهچي ويو آهي.

Leave A Comment