بولان ميل، خوشحال خان خٽڪ ۽ ٻيون ٽرينون بند، ڪوٽڙي لاڙڪاڻو ٽريڪ جا رهواسي سهولت کان محروم

سيپٽمبر 9, 2024

سيتاروڊ (رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) ايم ايل 2 لاڙڪاڻو ڪراچي وايا دادو ريلوي لائن تي بولان ميل، خوشحال خان خٽڪ ۽ ٻيون ٽرينون بند ٿيڻ سبب رحماني نگر سميت لاڙڪاڻو، باڊھ، راڌڻ، دادو، سيوهڻ، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن جا لکين ماڻهو ريل جي سفري سهولت کان محروم هجڻ ڪري عذاب ۾ اچي ويا آهن. ڪيئي شهر مين روڊ کان ڪنڊائتا ريلوي ٽريڪ تي هجڻ سبب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ مختلف رستا اختيار ۽ ڳرا ڪرايا ڀرڻ تي مجبور بڻيل آهن. خاص ڪري فيملي لاءِ اهو سفر عذاب کان گهٽ ناهي. هن وقت انهي ٽريڪ تي ڏينهن جي وقت اپ ڊائون صرف هڪ ٽرين موهن جو دڙو ايڪسپريس روهڙي ۽ ڪوٽڙي تائين هلندڙ آهي. جڏهن ته ڪجهه سال پهرين انهي ٽريڪ تي روزانو اپ ڊائون 7 ٽرينون هلندڙ هيون. جيڪي ريلوي اختيارين پاران آهستي، آهستي بند ڪرڻ کانپوءِ ٽريڪ تي اپ ڊائون 3 ٽرينون هلنديون هيون. ڪورونا وبا سبب سڀ ٽرينون بند ڪيون ويون. عوامي جدوجهد کانپوءِ ڏينهن جي وقت موهن جو دڙو ايڪسپريس بحال ٿي. بعد ۾ ڪوئٽا ڪراچي لاءِ هر ٽئين ڏينهن تي بولان ميل کي هلايو ويو. جيڪا سروس پڻ تازو بلوچستان ڪولپور ويجهو بولان ريلوي پل ڌماڪي سان ٽٽڻ بعد بند ڪئي وئي آهي. عوام جو مطالبو آهي ته پل تعمير ٿيڻ تائين جيڪب آباد ۽ ڪراچي لاءِ بولان ميل کي بحال ڪرڻ سان گڏ پشاور ڪراچي لاءِ ٽريڪ تي هلندڙ خوشحال خان خٽڪ کي پڻ بحال ڪرڻ سميت سموريون بند ڪيل ٽرينون هلائي عوام کي سفري سهولت ڏني وڃي.

ايم ايل 2 لاڙڪاڻو دادو ٽريڪ بند ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي اسٽيشنون ويران

سيتاروڊ: ايم ايل 2 لاڙڪاڻو دادو ريلوي ٽريڪ تي ٽرينون بند ٿيڻ تي رڪ، مديجي، نصرت ڀٽو، نئون ديرو، ماهوٽا، لاڙڪاڻو، مشهوري شريف، باقراڻي، موئن جو دڙو، باڊھ، سيهڙ، راڌڻ، باليشاھ، رحماني ننگر، پيارو ڳوٺ، ڦلجي اسٽيشن، دادو، خدا آباد، ڀان سيد آباد، بوبڪ، سيوهڻ، لڪي شاھ صدر، آمري، سن، مانجهند، گوپانگ، خانوٺ، ٻڍاپور، انڙپور، ڪيڊٽ ڪالج پيٽارو، ڄامشورو، ڪوٽڙي سميت ٻين شهرن جا لکين ماڻهون سفري عذاب ۾ مبتلا آهن. ريلوي اسٽينون اجڙي ويران ٿي ويون آهن. ڪئي ماڻهو بي روزگار ٿيا آهن. نئين نسل لاءِ ريل سروس ماضي جو قصو پيو بڻجي. عوام ان سفري سهولت لاءِ سراپا احتجاج آهي. سرڪار ان طرف ڪو ڌيان نه پئي ڏئي. سنڌ سرڪار به صوبي اندر پيدا ٿيل ان احساس محرومي لاءِ آواز نه پئي اٿاري. جنهن لاءِ اربين روپين جو قومي سرمايو تباھ پيو ٿئي پر ان طرف ڪنهنجو به ڌيان ناهي.

ٽرينون بند ٿيڻ سبب مين روڊ کان ڪنڊائتا ريلوي لائن تي آباد شهري عذاب ۾ مبتلا

سيتاروڊ: ٽرينون بند ٿيڻ سبب مين روڊ کان ڪنڊائتا ريلوي لائن تي آباد ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن جو عوام ڪراچي حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ ٻٽي عذاب ۾ آهي. واپاري طبقو پڻ پريشان ٿيڻ سبب سندن لاءِ واپار مشڪل بڻيل آهي. فيملي جو سفر عذاب کان گهٽ ناهن. ايمرجنسي وارن لاءِ هي سفر سورن جو داستان آهي. تنهن هوندي سنڌ سرڪار خاموش تماشائي، پنهنجي عوام لاءِ وفاق وٽ آواز نه پئي اٿاري.

ٽريڪ بند ٿيڻ سبب متاثر ٿيندڙ شهري سراپا احتجاج، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو

سيتاروڊ: ٽرينون بند ٿيڻ خلاف گذريل ڏيڍ سال کان وڌيڪ وقت کان سيتاروڊ ۾ سيتاسرجهڻهار فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پاران روزانو جي بنياد تي مسلسل احتجاج هلندڙ آهي. مظاهرين بند ٿيل ٽرينون بحال نه ٿيڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو عهد ڪندي احتجاج جو سلسلو جاري رکيو آهي. ان سلسلي مشهور ميمڻ، پروفيسر غلام مصطفي سمون، شھزاد علي ميمڻ، اويس علي ميمڻ، غلام حسين ملڪ، مراد علي ملاح، ارباب علي جانوري، عبدالرزاق سيال، آفتاب علي سولنگي، محمد اسماعيل سولنگي، آذان علي ميمڻ، محمد اڪبر خانزادو، نويد علي سخيراڻي، محمد پيرل ڏنڱر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ واسين کي ٽرين سروس کان محروم رکيو پيو وڃي. ايم ايل 2 ملڪ جو وڏو ريلوي ٽريڪ هجڻ باوجود ٽريڪ جي ڪا مرمت ناهي. ٽرينون بند ڪري ريلوي اسٽيشنون اجاڙي ويران ڪيون ويون آهن. عوام سفري سهولت کان محروم آهي. قومي سرمايو تباهه پيو ٿئي جنهن خلاف اسين ڏيڍ سال کان وڌيڪ عرصي کان سراپا احتجاج آهيون. ڪوبه نه پيو ٻڌي. هنن وس وارن کان هن ٽريڪ تي بند ٿيل سموريون ٽرينون هلائڻ جو مطالبو آهي

Leave A Comment