سنڌ جو ڀلوڙ شاعر سائين ادل سومرو پهريون ڀيرو 1994 ۾ منهنجي اکين جي آکيري ۾ آيو هو جڏهن هن جي پهرين ايڊيشن ۾ سندس شعري مجموعي “سمنڊ جاڳي ٿو” ۾ منهنجي هن سان شناسائي ٿي هئي. توڙي جو ان کان به گهڻو اڳ سائين ادل سومري جو شاعراڻو معجزو 1977 ۾
” روز ٽڙن رابيل” کان شروع ٿيو هو “وليون وڻ ڦلاريا” 1988۾ آيل شعري مجموعو هو جنهن کي منهنجي ملائڪن بہ نه ڏٺو, “اسين مسافر پيار جا” 1991 ۾ خاڪا ۽ مضمون کڻي آيو هو پر “سمنڊ جاڳي ٿو” وارو ليبل اهڙو تہ شاندار هو جو سڀئي تعارف پوئتي رکي ادل سومرو کي اڳتي کڻي آيو. ان کان پوءِ تہ “وساري نہ ڇڏجو” ،” نيروليءَ جو خواب” ، “مين اپنا وقت بيچتا هون” ۽ هي جيڪو “اجرڪ جهڙي عاشقي” 2020 ۾ بيت ۽ وايون کڻي آيو پاڻ ان جو ذڪر ڪنداسين.
ان وقت جو ادل جنهن لاءِ اسان جي شيخ اياز لکيو هو تہ ادل سومري ۾ جو انسان آهي ان ۾ قوميت به ڀرپور آهي تہ بين الاقواميت بہ ڀرپورآهي. پوءِ به هن جي شاعري سياست سان واڳيل نہ آهي ۽ اها آزادي بہ هن جي بحر وزن مان آزاديءَ وانگر آهي… ادل جي شاعري ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي. مونکي اميد آهي تہ هو پنهنجي ذوق ۽ شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو ساڳي رفتار سان جاري رکندو. ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو…. اياز جي اها اميد صاب پئي ۽ اڄ هي جيڪو ادل سومرو آهي سو ڌرتيءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو بڻجي اسان جي اڳيان بيٺو آهي….
جنهن شاعريءَ کي شاهڪار شعر ڏنا اڄ به اهي شعر پڙاڏو بڻجي روح جي گهٽين ۾ گونجن ٿا….
“اکيون تنهنجي آجيان، هر پل ڪنديون دوست….
ڪيئن ٿو آءُُ ٿيان، منڪر تنهنجي مان جو…”
يا وري دل جي ويران رڻ تي هي بيت پوکيائين…..
“منهنجو ساھ سمونڊ، لهرون لهرون تون
ڪڏهن نہ ڀانيو مون، پري توکي پاڻ کان.”
يا وري هي بيت جيڪو سنڌ جي گهوٽن پنهنجي ڪارڊ مٿان لوگو طور رکي ڇڏيو هو….
“سک ۽ سرهاڻ جون گهلن هوائون،
گهوٽَ لهن لائون، سدا پنهنجي سنڌ ۾”
ادل جا اُپايل هي احساس ڀلا وقت ڪيئن ٿو وساري سگهي جڏهن روح مان رهڙي هي سٽون لکيون هيائين:
“سڙيل گهر تي باک ڦٽي آ
درد شهر تي باک ڦٽي آ
تو جي نيڻَ کنيا هن مرڪي
دل جي ٿر تي باک ڦٽي آ”
اسان جو ادل ڏاڍو احساس وند ماڻهو آهي ادل سائين جي منشور ۾ ڪوبه ماڻهو حقير ناهي. آدمي خاڪ ٿيڻو آهي پر ڪردار جي هاڪ صدين تائين رهندي…. ادل سائين شاعريءَ ۾ بہ ائين دردن جا ڌڻ پاليا آهن پر افسوس جو هن کي ڪو وڻ ڇانوَ ڏئي ناهي سگهيو…. اجرڪ جهڙي عاشقي
منهنجي خيال ۾ سائين ادل جو ويهون ڪتابي معجزو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ سندس بيت ۽ وايون ئي اوتيل آهن سندس بيت آهي:
“پڙهي ڏس پاٻوھ مان، کولي هر هڪ بابُ،
توکان هيءُ ڪتابُ، ٻيو ڪجھ گهري ڪين ٿو…”
هن مجموعي ۾ ادل سائين عشق جو اهڙو تہ يڪتارو وڄايو آهي جو هر سٽ اوچتو ساھ کڻي سارَ اڀاري ٿي رکي….
“توکي ساري اوچتو، ساھ ڏني اڄُ سٽَ
توسان هڪڙي جهٽَ، ويهي ڪيان ڳالهيون”
تحقيق ڪندڙ محققن کي پنهنجي لفظن جي ڇڄ ۾ هيئن ڇاڻي رکيو اٿائين
“محقق! ڌوڙ ڪتابَ جي، ايئن نہ ويهي ڇاڻ
ڪجھ لکڻ کان اڳ ۾، عشق اندر ۾ آڻ
کٽ وڃي نه تہ واڻِ تون انهيءَ تحقيق کان.
ڪتاب تحفي ۾ ڏيڻ کان پوءِ اها پڪ نه ٿي رهي تہ ڪو پڙهندڙ پوري ايمانداريءَ سان ان جو مطالعو ڪري فيڊ بيڪ به ڏيندو، ابتو اهو الڪو رهي ٿو تہ ڪتاب بڪ شيلف ۾ سجائڻ بدران ڪنهن ڪٻاڙي جي هٽ تان نه ملي اهڙو احساس ادل سائين هن بيت ۾ ڪيڏو نه ڪمال سان ٽوپيو آهي تہ….
“ڪڏهن پنهنجو ڪتاب هي، توکي ڏنو هيو
مونکي اهو مليو، ڪٻاڙيءَ جي هٽَ تان”
طبقاتي هيٺ مٿانهين تي هي غضب جي ڦوٽو گرافي تہ ڏسو….
“هٿُ وڌايو گلاس ڏي، رڙ آئي تہ رُڪُ،
ڀيلڻ جهليو ٻُڪُ، ۽ هن پاڻي اوتيو…..”
شاعر وقت جا ساکي به هجن ٿا جيڪي اوچتي انياءَ تي نه صرف اکيون مهٽي اٿن ٿا پر جذبن جي ترجماني بہ ڏاڍو حساسيت سان ڪن ٿا شڪارپور بم ڌماڪي تي ادل سائين پنهنجا احساس اجرڪ جهڙي عاشقيءَ ۾ هيئن ٿو بيان ڪري.
“وڻن منجھ واڪا، ماري آيا ڪيئن هتي،
سامي شيخ اياز جي شهر منجھ الڪا؛،
سنڌ سڄي سڏڪا، لکيدر جي سوڳ ۾….”
اجرڪ جهڙي عاشقيءَ ۾ انيڪ بيتن سان گڏ ٽيھارو کن وايون به آهن جن جو پنهنجو اثر آهي.
ادل سائين پنهنجي ڏاڏي سائين ٺاري سومري کي هڪ وائي ارپي لکي ٿو تہ…
واري تڙ تي ڪنهن سمي
شانتيءَ وارو هيو،
سومرو ٺارو هيو….
ڳاڙهي اجرڪ ۾ جيئن،
ڪو اڇو تارو هيو
سومرو ٺارو هيو….
هڪ ٻي وائي ۾ چيائين تہ،
ڪنهن جي من جي وارتا
ڪو به نہ ڄاڻي ٿو.
هرڪو ويڙهيل پاڻ ۾…..
شاعر توکي شهر ۾
ڪيرُ سڃاڻي ٿو.
هرڪو ويڙهيل پاڻَ ۾…..
سنڌ جي سريلي راڳي سنت ڀڳت ڪنور رام جي درد ۾ گوليءَ واري ٻولي هيئن ٿو ٻڌائي…
رُڪن ۾ ريل وئي رُڪجي
لڳي جو گيت کي گولي
هوا ۾ سنڌ جا سڏڪا…..
اجهامي سڀ ويا ڏيئا
بڻي بي رنگ هئي هولي
هوا ۾ سنڌ جا سڏڪا…..
وڇوڙي جو ورد هن انداز ۾ اسان جو ادل ئي ڪري سگهي ٿو….
تنهنجون ساري ڳالهيون
آيا لڙڪ تري.
هيءُ سالُ اجهامي ويو…..
دل مڃي ئي ڪانہ ٿي
ملبو ڪينَ وري
هيءُ سالُ اجهامي ويو…..