مورَ نگر تي مينهن وَسي پيو آهي، چوڏسا رنگن جي راند آهي، ماحول معطر آهي ۽ خوشبوءِ بادلن جا سُڪل گهر ڀِڄائي وڌا آهن. مينهوڳي جي مند به عجيب هُجي ٿي، واري جڏهن واسجي ٿي ۽ ريتي جڏهن رنگجي ٿي تہ دل جي صحرا تي گل ٽڙي پون ٿا. گلابي چپن جا اُڏامي ويل رنگ رم جهم ٿيندي ئي مورَ جي ٽهوڪن سان واپس موٽي اچن ٿا… هونئن به دل جڏهن ڪنهن جو دُڪو داخل ڪندي آهي تہ پوءِ پنج وايون، ست گيتَ، ارڙهن نظم، ٻارنهن چوسٽا ۽ پنجاسي کن غزل پني جي پيٽَ تي اوتجي پوندا آهن. ٻہ سئو اٺن پيجن جي مسافت تي مشتمل هي هڪ سهڻو شهپارو “مورَ نگر تي مينهن” جي نالي سان اکين جي اسڪرين تي پَر هَڻي اُڏامي آيو آهي…… ائين لڳو آهي تہ ڪو ويڳاڻو ڪبوتر اوچتو ڀڙڪو کائي گنبذ تان اڏري اوڏڪي ڪنهن ڀت تي اچي ويٺو آهي. امان اربابِ جو پٽ اسحاق سميجو اسان کي نيلوفر ڍنڍ جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي هليو آهي، جتي اسان جي سونهن واري سڙھ جو ناخدا نامديو تارا چند چنداڻي لفظن جي لباس ۾ ڪتاب جي بنيادي بيهڪ تي مهاڳ جي مندائتي موسم ۾ برھَ جي بارش وسائي ڏيکاري آهي. جيڪو پنهنجي خيالن جي خوبصورتي پوکيندي لکي ٿو تہ، “بهتر شاعريءَ لاءِ شاعر جو پاٺڪ هجڻ ضروري آهي، شاعري ڄڻ ته پينٽنگ آهي، شاعري رڳو هٿن جي نہ پر ڪنن جي ڪلا به آهي. جيڪا ٻڌڻ وٽان هئڻ گهرجي.
هو اسحاق سميجي جي هڪ خيال کي هيئن پوکي سگهيو آهي.
فٽ پاٿ ڀريل آ ٻارن سان،
جي سپنا ميڙن ڍيرن تان!
جن ماءُ ڏٺي آ فلمن ۾،
جن پيءُ ٻڌو آ ماڻهن کان.
هڪڙي خيال جي ميلاپ ۾ سائين نامديو اسحاق جي سٽن کي هيئن ٽوپيو آهي:
توکي تنهنجي خدائي بخش هجي،
مون کي منهنجي قبول هڪڙي سنڌ
سائين نامديو صاحب جو خيال آهي ته، اسحاق سميجي جي شاعريءَ جي فارم لاءِ مونکي فقط ايترو چوڻو آهي ته هن جي ڇَندن تي بيٺل رَچنائون تہ پُختيون نظر اچن ٿيون پر بنا ڇند يا بحر وزن واريون چيزون ڪجھ هلڪيون ٿيون لڳن.
سائين نامديو اها ڳالھ آسٽريليا مان ويهي ڪئي آهي. جيڪڏهن ڄامشوري مان ويهي ڪري ها ته پوءِ اسحاق جي هن شعر……
“هڪڙي ڀيري هُو ۽ مان،
ان کان پو خوشبو ۽ مان.”
پڙهڻ کان پوءِ شايد ڪري نه سگهي ها جو اسحاق جي قلم جي ڪلا کيس موهت جا هڙئي فن پاڻ وٽ رکي ٿي..
فن جي حوالي سان اسحاق سميجي جو هي سچو پچو اسٽيٽمينٽ هتي پيوند ڪرڻ انڪري به ضروري سمجهان ٿو تہ هو پاڻ سچ جو انتهائي قائل آهي ۽ شين کي انهن جي اصلي فارم ۾ ڏسڻ ۽ شعور جي اکين سان پرکڻ کي عيب نه ٿو سمجهي، هڪ سَچو پَچو قلمڪار ائين ئي هجڻ کپي جيئن اسحاق سميجو آهي. هن پنهنجي ئي هڪ غزل جي قافين جي جڙاوت متعلق ڪيڏي نہ سهڻِي ۽ کري ڳالھ ڪئي آهي. غزل جي هيٺان وضاحتي نوٽ ۾ لکي ٿو تہ، “هن غزل جي مطلع ۽ مقطع ۾ قافيو باقي غزل جي قافيي ۽ وزن سان نه ٿا هلن پر ٻيهر به غور ڪرڻ سان مونکي ڪو بهتر نعم البدل سُجهي نه آيو تہ غلط ئي رهڻ ڏنم….” ڪمال جو 164 ڪيل آهي.
اسحاق سميجي جا خيال ايترا تہ گهرا ۽ تُز آهن جو پڙهندي ئي اندر ۾ پيهي وڃن ٿا. احساس جي اهڙي شدت جنهن ۾ ڪمال جي ڪاريگري بہ پوکيل آهي پڙهي تہ ڏسو…
ڪڏهن چَر ڀيلڻي پوندءِ، جُدائيءَ جي،
ڪڏهن تلوار تي هلندينءَ_ هَلي سگهندينءَ!
چَر ڀيلي وارو منظر ڳوٺاڻڪي اک جي آبزرويشن کي ظاهر ڪري ٿو. وري هن شعر کي ڏسو….
جيءُ ڪنهن جاءِ تي جَچي ته جيئان،
مونکي توبن جيئڻ اَچي تہ جيئان.
“هو ڪڏهوڪو ڇڏي هليو ويو آ!
ڳالھ هيءَ سمجھ ۾ اَچي تہ جيئان!
هن شعر ۾ ته ائين ٿو لڳي تہ شاعر بي ساختگيءَ مان ڊُڪي ڪنهن ڊيل جي پويان پيار منجهان وڃي ڪنهن پَر کي ڇُهيو آهي، ۽ ڊيل جي وجودَ ۾ ڄڻ ڇِرڪ جو آبشار وهي پيو آهي….
ڪوپَ ساڳيا، چانهن ساڳي پي رهيا ها،
ازدواجي زندگي ٻئي جي رهيا ها.
ماڻهوءَ جي اندر مور جو نچڻ ته اوس آهي پر لفظن کي آڱرين جي آبشار مان وهائي ڪو ڪرشمو ڪري ڏيکاري ته ان کي چئجي فَنُ…. شاعر اهو، جيڪو بي ساختہ ڇولين جي وڃي ڇاتي کي ڇُهي، ۽ شاعري جيڪا شطرنج جي راند وانگي پنهنجي چال کي چاهت سان اڳتي هَلائي سگهي. اسحاق جي شعرن ۾ اهڙي تہ سهڻي اُڻت ٿيل آهي جو لڳي ٿو ته لفظن جي ابابيلن اوچتو اچي اسان جي اندر ۾ آکيرا ٺاهيا آهن… خيالن جي هن نواڻ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟
هڪڙو بَڙَ جو وڻ آ مون ۾،
اُنَ کان هيٺ اڱڻ آ مون ۾.
اُنَ کان اڳتي هڪُ رستو آ،
رستي تي راوڻ آ مون ۾.
يا وري هيءَ مور جي پَرن جهڙي پينٽنگ….
ويو وطن ور چڙهي لُٽيرن جي،
پَر ڪَوي خوش هيا خطابن ۾.
ويا کپي سنڌ تنهنجا ساڃھ وندَ،
عورتن تي تہ ڪي شرابن تي.
پياري اسحاق ڌيءُ جي حوالي سان غزل ۾ ٽي ڀيرا اسان سان مخاطب ٿيو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي پيو ته هن کي پنهنجي نياڻي ڏاڍي پياري آهي، جو هن غزل ۾ ان جو اظهار وڏي پاٻوھ مان ٽن هنڌن تي هيئن ڪيو اٿائين….
ڌيءُ کي جو اسڪول ڇڏڻ مان وڃان تہ تنهنجي ياد،
ٻارن وانگر رستي ويندي ملندي رهندي آ…
ڌيءُ منهنجي پينٽنگ ٺاهي رهي آ شام جي،
شام خود ئي آرتي لاهي رهي آ شام جي،
“بابا بابا……”ايئن جو منهنجي ڌيءُ چيو،
تارن چمڪي، خوشبوءَ مهڪي”جيءُ” چيو.
مور نگر تي مينهن ۾ پروف جو وڏي باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو ويو آهي، جنهن ڪري ڪافي حد تائين پروف چڪن کان پاڪ آهي پر جي ڪا ڳوڙهي اک مطالعي جي ميز تي ويهي لاهي پاهي پروف چيڪ ڪندي تہ کيس هيٺ مٿانهيون به ملنديون. مون کيس پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ غلطيون بہ محسوس ڪيون، جيئن… پيج نمبر 71 تي رديف “تي” آهي پر هڪڙي شعر ۾ ان کي “۾” لکيو ويو آهي:
اُڀ ٽاڪي هلي جا چوليءَ ۾! “
اڀ ٽاڪي هلي جا چوليءَ تي…..
صفحي 116 تي سٽ آهي
“اڪيلا اڪيلا توائي توائي”….
رومي جي رقص جهڙي هن شعر کان ڪهڙو ڪافر انڪار ڪندو…..جنهن ۾ ياد جو منظر، سياٽي جو احساسُ، حسن جي فزڪس ۽ پيار جي ميٿ ميٽڪس هڪ هنڌ پوکي وئي آهي…..
هڪ ياد دري ٿي پئي،
دل ڪوھَ مري ٿي پئي.
آئي ته هُئي عورتَ،
موٽي تہ پَري ٿي پَئي.
کنوڻين جهڙا خيال جڏهن مياڻن مان منهن ڪڍي تلوارن جهڙو تيک ڏين ٿا ته، سچ پڇو ائين ٿو لڳي تہ سمورو صحرا ڊوڙي اچي پاڻيءَ ۾ پيو آهي. رنگن جي ندي وهڻ لڳي آهي، جبل پنهنجي جاءِ مٽائي رهيا آهن، خيالن جي شعرن سان شادي ٿي رهي آهي، ڄار سوڪهڙي تي مهاڻن سان منهن ماري ڪري رهيا هجن ها.
ڪينواس جي ڪنارن تي نچندڙ اسان جي اسحاق جي شاعريءَ کي پنهنجا هٿ ۽ پير آهن. هن جو نڪ به پنهنجو آهي تہ مشاهدي واريون اکيون بہ بنا فريم جي پنهنجيون ئي اٿس… هنن خيالن کي ڀلا لفظن جا ڪهڙا پس منظر ڏجن…
سرمئي شام ۽ واڱڻائي هوا،
منهنجي حالت ڏسي مُسڪرائي هوا.
بالڪونيءَ ۾ ناسي خُمارن جي وَلِ
هڪ سنهري گھٽي، هڪڙي سائي هوا..
ڌنڌلي ياد جي ڪنهن پهر ۾ شاعر جي پيرن منجهان جي پرھ ڦٽي تہ پوءِ منظر ڪجھ هيئن ٿو جڙي پوي.
هُو آيو آ، يا درُ کڙڪيو ائين آهي،
وَهم آهي، هوا آهي يا هي ڇاهي!
آخر ۾ چَرسي چنڊ جو هي فوٽو ته…..
چنڊ لڳو ٿي چرسي رات پهاڙن تي،
پاڻ بہ پياسين ترسي رات پهاڙن تي.
جيءَ جي لاءِ جَڙي ٻُوٽي هو تنهنجو پيارُ
ان جي ڪئي سين ورسي رات پهاڙن تي.
ڪارونجهر خود مندر، خود ڀڳوان لڳو،
بوند جڏهن پئي برسي رات پهاڙن تي.
پياري اسحاق جي پورهئي کي اکين تي رکي پڙهڻ گهرجي، جو هن روهيڙي جي گل جيان پنهنجو روح هن ڪتاب جي ورقن ۾ وڌو آهي. سندس گيتَ وايون، نظم ۽ چوسٽن جي پرک تہ پارکو پاڻ ئي ڪندا. پاڻ غزل جي شاهوڪاريءَ تي چند ڪچن ڦڪن لفظن جو نذرانو رکيو آهي شال قبول پوي.