پي ٽي آءِ جي ٻنهي ڌڙن کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي، ڪيترائي ڪلاڪ انتظار

جُولاءِ 5, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ٻنهي ڌڙن کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار باوجود عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتل هڪ ڌڙي ۾ شبلي فراز، عمر ايوب ۽ رئوف حسن شامل هئا، ٻئي ڌڙي ۾ شاندانا گلزار، شهريار آفريدي ۽ جنيد اڪبر شامل هئا. عمر ايوب جي جيل عملي سان منهن ماري ٿي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته عدالتي حڪم موجب پي ٽي آءِ باني سان ملاقات رٿيل هئي، ڪيترائي ڪلاڪ انتظار باوجود جيل اختيارين ملڻ نه ڏنو، سڀني کي استحقاق جي رٿ وسيلي لائين حاضر ڪنداسين، جيل عملي کان پُڇاڻو ڪيو ويندو ته ملاقات کان ڇو روڪيو، عمر ايوب چيو ته سوا هڪ وڳي کان جيل ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئاسين، اڊيالا جيل اختيارين اسان کي باني تحريڪ انصاف سان ملڻ نه ڏنو. جيل چوڪي جي انچارج اسان کي مسجد مان به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جيل چوڪي انچارج ٻڌايو ته حڪم مليا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ پيج تي آهي اسان سڀ هڪ آهيون. اسان باني تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل رهنداسين. سينيٽر شبلي فراز چيو ته چونڊيل نمائندن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، پارٽي جي باني سان ملاقات ڪرڻ سندن حق آهي، مسواڙي ماڻهن کي پارٽي ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ اڳتي آندو ويو آهي، هي به مخالفن جي ٽڪساٽن جو حصو آهي، پي ٽي آءِ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، شهريار آفريدي چيو ته هڪ ڳالهه ڪليئر آهي جيڪو به ڪن اسان جهڪڻ يا تقسيم ٿيڻ وارا ناهيون اسان عمران خان جا سپاهي آهيون ان جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا. هي مخالفن جو هڪ حربو آهي ته پارٽي کي تقسيم ڪيو وڃي، شاندانه گلزار چيو ته پارٽي اندر اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن. جيڪڏهن منهنجو اختلاف هجي ها ته هِتي نه هجان ها. اسان ٻه ڪلاڪ اُس ۾ بيٺا رهياسين.

Leave A Comment