بجيٽ جي صورت ۾ جيڪا مهانگائي اچڻ واري آهي ان جو عوام تصور به نه ٿو ڪري سگهي: عمر ايوب

جُون 8, 2024

بجيٽ جي صورت ۾ جيڪا مهانگائي اچڻ واري آهي ان جو عوام تصور به نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو ڪجهه آزاد ڪشمير ۾ ٿيو اهو هاڻي پاڪستان ۾ به ٿيندو، مون کي اليڪشن ٿيندي نظر اچي رهي آهي، عوام تيار رهي: اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جون گجرانوالا جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، عمر ايوب چيو ته اسان ڪيسن کي منهن ڏينداسين پر پنهنجي موقف تان پٺتي نه هٽنداسين، ڪچي جي ڌاڙيلن کان وڌيڪ زهريلا پڪي جا ڌاڙيل آهن، ساڍا چار سئو ارب روپيا ڳڙڪائي ويندڙن کان ڪير پڇي به نه ٿو، حڪمران بجيٽ ۾ ڇا پيش ڪندا، آزاد ڪشمير کي 3 ارب روپيا نه ڏنا ويا ته اتي ڇا ٿيو، اتي جيڪي ڪجهه ٿيو اهو هاڻي پاڪستان ۾ به ٿيندو

Leave A Comment