گولي يا گار سان مسئلا حل نه ٿيندا، خارجين جو فتنو ختم ٿيڻ تائين فوجي آپريشن جاري رهندا: وزيراعظم
سيپٽمبر 7, 2024
راولپنڊي(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گولي يا گار سان مسئلا حل نه ٿيندا، خارجين جو فتنو ختم ٿيڻ تائين فوجي آپريشن جاري رهندا. 6 سيپٽمبر يومِ دفاع جي موقعي جي ايچ ڪيو ۾ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف چيو ته گولي يا گار مسئلن جو حل ناهي، دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائينداسين، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا. فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين فوجون پاڪستان ۾ آپريشن جاري رکونديون. هن چيو ته اظهار جي آزادي جمهوري معاشري ۾ هر شهري جو حق آهي. قومن جي تقسيم ملڪي سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪندي آهي. هن چيو ته پاڪستان خاطر ذاتي مفادن ۽ خواهشن کي قربان ڪريو. سامونڊي، هوائي ۽ بري فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٿورائتا آهيون. اچو شهيدن ۽ غازين جي رستي تي هلڻ جو عزم ورجايون. پاڪستان خاطر پنهنجي ذاتي خواهشن کي وسارڻو پوندو. پاڪستان اسان سڀني جو آهي، ان جي حفاظت پڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.