بلڙي ويجهو سنڌو ۾ چاڙهه: حاجي پور بچاءَ بند تي دٻاءُ، ملاڪاتيار ۽ ڀرپاسي خوف

آگسٽ 27, 2024

بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ: اويس ملاح) سنڌو درياهه جي حاجي پور بچاءَ بند تي پاڻي جو دٻاءُ، آر ڊي 6 پوائنٽ 2 وٽان بند کي پائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ بچاءُ بند تي پهرو شروع ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه اچڻ بعد حاجي پور بچاءَ بند تي دٻاءُ وڌي ويو، آر ڊي 6 پوائنٽ 2 واري حصي وٽان بند کي پاڻي پائڻ شروع ڪري ڇڏيو، چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مير غلام علي ٽالپر روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته بند جو دورو ڪري سموري صورتحال کان سيڪريٽري آپباشي کي آگاهه ڪيو آهي، عملو پڻ بند تي موجود آهي، هوڏانهن ملاڪاتيار شهر واسين سميت آس پاس جي علائقن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، علائقي واسين سيد جواد شاهه، آڍو فقير، نثار سومرو ۽ ٻين چيو ته حاجي پور بچاءَ بند کي پاڻي پائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، آبپاشي عملو غائب آهي، پنهنجي مدد پاڻ بچاءَ بند تي پهرو ڏيڻ تي مجبور آهيون، هنن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي وزير کان نوٽيس وٺي هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جون مطالبو ڪيو.

Leave A Comment