بلاول، آصفه، نقوي، شرجيل ۽ ٻين پاران الزام ڪوڙا قرار، اثاثا گوشوارن ۾ ظاهر ڪيل آهن: سياستدان

مَي 15, 2024

ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سينيٽر فيصل واوڊا، پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ۽ ٻين سياستدانن پاران دبئي ۾ ملڪيتن بابت وضاحتي بيان سامهون آيا آهن. ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان ذوالفقار بدر پاران دبئي ليڪس تي ردعمل ڏيندي چيو ويو آهي ته بلاول ۽ آصفه جي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي موجود آهن، ليڪس ۾ ڪجهه نئون ناهي، نه ئي غيرقانوني ۽ بظاهر نه ئي ڪوئي اسڪينڊل آهي، بلاول جي ترجمان چيو ته بدنيتي تي ٻڌل ڪنهن به ڪارروائي کي لاڳاپيل فورمز تي چيلنج ڪيو ويندو، هن چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته بلاول، آصفه  جي جلاوطني ۾ پرورش ٿي آهي، ٻئي جلاوطني ۾ بينظير ڀٽو سان گڏ دبئي ۾ سندس ملڪيتن ۾ رهيا، بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ملڪيت وارثت ۾ سندس ٻارن کي ملي، سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منهنجا اثاثا ڊڪليئرڊ ۽ عوام جي علم ۾ آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ ٽيڪس اٿارٽيز وٽ جمع معلومات کي سنسني خيز بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، جن ملڪيتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي اهي پهريان ئي اليڪشن ڪميشن ۽ ٽيڪس اٿارٽيز ۾ ڊڪليئرڊ آهن، اسان هر سال اثاثن ۽ ملڪيتن جي ڊڪليئريشن ۾ اهي تفصيل جمع ڪرائيندا آهيون، اها ڪا نيئن ڳالهه ناهي، پهريان ئي سڀ ڪجهه عوام جي علم ۾ آهي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته دبئي ۾ منهنجي پراپرٽي ڊڪليئر آهي، جڏهن سٺي گاڏي ۽ ملڪيت جو ذڪر ايندو ته منهنجو نالو سڀ کان مٿي هوندو، هن چيو ته دبئي ليڪس ۾ پراپرٽي ڊڪليئر آهي ته تڪراري ڇو پيو بڻايو وڃي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن به فرد جو ليڪس ۾ ذڪر ناهي، سڀني کي گڏائي ڊوزيئر جاري ڪيو پيو وڃي، پراپرٽي جائز هجي يا ناجائز سڀني تي ناجائز جو ٺپو لڳايو پيو وڃي، اهڙن ماڻهن جا نالا به آهن جيڪي ايماندار آهن، واوڊا چيو ته دبئي ليڪ تي پروپيگنڊا مهم، ان جي ٽائمنگ تي اعتراض آهي، دبئي ليڪس جي جاري ٿيڻ جو وقت تمام اهم آهي، آزاد ڪشمير ۾ تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ ليڪس اچي ٿي وڃي، هن چيو ته دبئي اسان جو دوست ملڪ آهي اتان سيڙپڪاري جي اميد آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته آئون دبئي ۾ هڪ اپارٽمينٽ جو مالڪ آهيان. پرڏيهه ۾ پراپرٽي جي تصديق ايف بي آر يا اليڪشن ڪميشن مان ڪري سگهجي ٿي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي گهرواري مس اشرف جي دبئي ۾ ملڪيت جي وضاحت ڪئي وئي آهي، محسن نقوي جي گهرواري چيو آهي ته ملڪيت هلندڙ مالي سال جي ٽيڪس گوشوارن ۾ ڊڪليئر ڪئي ويندي، 2017ع ۾ هڪ ملڪيت خريد ڪري 2023ع ۾ وڪڻي هئي، هن جنوري ۾ ٻي ملڪيت خريد ڪئي آهي، اها پراپرٽي هاڻي ٽيڪس گوشوارن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ڪنداسين، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته گهرواري جي نالي دبئي ۾ خريد ڪيل ملڪيت ڊڪليئرڊ آهي، جائداد جمع ڪرايل ٽيڪس گوشوارن ۾ به ظاهر ڪئي، اليڪشن ڪميشن ۾ نگران وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت ۾ جمع ڪرايل گوشوارن ۾ ڊڪليئرڊ آهي، سال اڳ ملڪيت وڪڻي ڇڏي هئي، وڪڻيل ملڪيت جي رقم مان ڪجهه هفتا اڳ هڪ ٻي پراپرٽي خريد ڪئي آهي.

Leave A Comment