وفاق زيادتي بند ڪري، سنڌ کي گھرج موجب گيس ڏيو: سنڌ اسيمبلي پاران گڏيل ٺهراءَ منظور

جُون 13, 2024

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي پ پ ايم پي اي هير سوهو پاران صوبي ۾ گيس جي بندش خلاف پيش ڪيل رِٿ حڪومتي ۽ مخالف ڌُر ميمبرن جي حمايت بعد گڏيل طور تي پاس ڪري ورتي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن  پاران سنڌ کي گھرج موجب گيس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو،  ان حوالي سان رِٿ تي ڳالهائيندي سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو ته آئين موجب جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿي، پهريون حق انهي صوبي جو آهي سنڌ صوبي جي گهرج 15 سئو ايم ايم سي ايف ڊي پوري ڪري باقي گيس ٻين صوبن کي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي قدرتي گيس ڏيڻ بدران ٻاهران گهرايل ايل اين جي مهانگي اگهه تي ڏني پئي وڃي. پ پ ايم پي اي هير سوهو، امداد پتافي ۽ ٻين رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته وفاق پاران سنڌ سان  پاڻي، بجلي، گيس توڙي ناڻي جي ورڇ  ۾ ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ميمبرن چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گيس تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي.  انهي کان اڳ تعليم کاتي بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ چيو ته سنڌ جي 49 مان 13 هزار اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون ناهن، صوبي جا  11 هزار اسڪول هڪ ڪمري وارا آهن، انهن هڪ ڪمري وارن  اسڪولن کي اسڪول  ڪوٺي نٿو سگهجي، هن چيو ته ماضي ۾ اسيمبلي ۾ اهي ماڻهو هئا، جن پنهنجن اوطاقن کي اسڪولن ۾ تبديل ڪيو ، هاڻي وارن وري اسڪولن کي اوطاقن ۽ گدامن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس دوران مخالف ڌر ميمبرن پاران پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ پيئڻ جي پاڻي اڻهوند خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پڻ پيش ڪيا، اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave A Comment