سي پيڪ تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي: سيڪيورٽي بهتر ڪريو، ادارن ۽ سياسي پارٽين کي گڏجي هلڻو پوندو: چين

جُون 22, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سياست ڌار ڌار، پر ملڪي ترقي لاءِ سي پيڪ تي حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽيون هڪ پيج تي، اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين جي مشاورتي مڪينزم اجلاس ۾ حڪومت سان گڏ اپوزيشن به شرڪت ڪئي، نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت جي نمائندگي ڪئي، پي ٽي آءِ جو بئريسٽر علي ظفر ۽ رئوف حسن اپوزيشن پاران شريڪ ٿيا، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، يوسف رضا گيلاني،حنا رباني کر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي چيني وزير ليو جيان چيو ته سيڙپڪاري لاءِ سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو، سيڪيورٽي صورتحال بهتر هوندي ته ڪاروباري ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا، ترقي لاءِ اندروني استحڪام ضروري آهي، سياسي پارٽين ۽ ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو، چيني وزير چيو ته مشاورتي مڪينزم جو اجلاس ڪوٺائڻ سٺو سنئوڻ آهي، چيني قيادت ٻنهي ملڪن جي دوستي کي اهميت ڏئي ٿي، پاڪستان ۽ چين ترقي جي نئين دڳن تي هلي رهيا آهن، ترقي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل تصور جي عڪاسي ڪري ٿو، منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سي پيڪ تي پاڪستان ۾ اتفاق راءِ آهي، سڄو پاڪستان معزز چيني مهمانن کي ڀليڪار ڪري ٿو، نائب وزيراعظم گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ سياسي پارٽين جا ٿورا مڃيا، اسحاق ڊار چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار جو نئون تصور آهي، منصوبي جي ٻئي مرحلي سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چيني اهلڪارن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، چين جي هر شهري کي فول پروف سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي، ته سياسي پارٽين جو هڪ ٽيبل تي ويهڻ ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جو هڪ پيج تي هجڻ جي دليل آهي، مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سي پيڪ جي بهتري لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو، اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون هن گيم چينجر منصوبي جي مڪمل حمايت ڪن ٿيون، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو آهي، هي منصوبو پاڪستاني معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليا کان بُلند آهي. حنا رباني کر چيو ته سي پيڪ لاءِ سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي آهن، اجلاس ۾ سڀني جي شرڪت سٺو عمل آهي. هوڏانهن چيني وزير  جي وفد سان گڏ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ٿي، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چين سان اسٽريٽيجڪ ڀائيواري وڌائڻ جو عزم ورجايو، چيني وزير پاران علائقائي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي ساراهه ڪئي وئي.

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وزير جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات ٿي، آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزير اعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا شريڪ هئا، وزير اعظم پاڪ چين دوستي کي خطي ۽ عالمي امن سميت ترقي جي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اطمينان جي ڳالهه آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي اتفاق راءِ آهي، چيني وزير ليو جيان چائو جو چوڻ هو ته چين پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ حمايت جاري رکندو، ايندڙ مرحلي ۾ سي پيڪ جي فيز ٽو تي عملدرآمد لاءِ تيار آهيون. ٻئي طرف پرڏيهي ترجمان موجب چيني وزير ليوجيان چائو وفد سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، چيني وزير پاڪستان سان 5 راهدارين جي تياري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو آهي، انهن راهدارين جو مقصد سي پيڪ جو اپگريڊ ورجن آڻڻ آهي، چيني وزير سي پيڪ تي وسيع سياسي اتفاق راءِ ۽ گڏيل تعاون جي وڌيڪ پليٽ فارمز لاءِ ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو.

Leave A Comment