ڪنهن سياسي پارٽي جا حامي آهيون، نه مخالف، فيض حميد ڪيس ۾ ملوث ڪهڙي به عهدي تي هجن بچي نه سگهندا: پاڪ فوج
سيپٽمبر 6, 2024
راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فيض حميد ڪيس ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهي جو ڪو به عهدو هجي يا حيثيت سندس خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي.ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف آهيون نه ئي وري طرفدار،جڏهن کان افغانستان ۾ حڪومت آئي آهي، دهشتگردن جي سهولتڪاري وڌي چڪي آهي، ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو علائقو نه آهي جتي دهشتگردن جي عملداري نه هجي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فوجي ترجمان چيو ته بلوچستان کي 520 ارب وفاق ڏئي رهيو آهي صوبائي حڪومت 254 ارب رپيه رائلٽي وٺندي آهي جڏهن ته معدنيات جي پروجيڪٽ ۾ 80 سيڪڙو بلوچستان جا ماڻهو آهن. جيڪي حقيقتون اسان اوهان جي سامهون رکيون آهن انهي کان پوءِ اوهان کي اهڙن بيانن ۾ جهول نظر ايندو جيڪي غلط ٺاهيا ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج نه ڪنهن پارٽي جي مخالف آهي نه ان جو ڪو سياسي ايجنڊا آهن جيڪڏهن فوج ۾ ڪوبه پنهنجي ذاتي فائدي جي لاءِ ڪنهن مخصوص سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏئي ٿو ته احتساب جو نظام حرڪت ۾ اچي ويندو آهي ۽ ثبوت جي روشني ۾ ذميوارن کي جواب ڏيڻو پوندو آهي. ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جنرل(ر) فيض جي خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ درخواست دفاع واري وزارت جي ذريعي ملي هئي. 12 آگسٽ تي فوج آگاهه ڪيو ته(ر) آفيسر آرمي ايڪٽ جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ به آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا جنهن تي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جو احتساب جو عمل شفاف آهي، اسان الزامن تي نه پر ثبوتن ۽ شاهدين تي ڪم ڪندا آهيون. فيض حميد انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪ فوج ذاتي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪيل ڀڃڪڙين کي سنجيده وٺندي آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهي جو ڪوبه عهدو يا حيثيت هجي انهي جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته سڀني کي وڪيل ڪرڻ گواهه ۽ جرح سميت سمورا حق حاصل هوندا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته اهڙي طرح جي بنا ڪنهن فرق جي خود احتسابي ٻين ادارن کي ترغيب ڏئي ٿي ته جيڪڏهن ڪوبه ذاتي يا سياسي مقصد جي لاءِ پنهنجي عهدي جو استعمال ڪري ٿو ته اهي انهي کي به جوابده ڪن.
“چيلنجن کان واقف آهيون“ پاڪستان خلاف جارحاڻا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ صلاحيتن ۾ واڌ جاري رکڻ جو اعلان
راولپنڊي: پاڪ فوج هاڻوڪن سيڪيورٽي چئلينجز کان مڪمل طور واقف آهي، پاڪستان خلاف جارحاڻا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ واڌارو جاري رکنداسين، ملڪ جي عسڪري قيادت پاران عزم جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف جي آرمي وار گيم جِي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت پڻ ڪئي، ، آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم کي وار گيم ۽ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي جامع بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيٽرنس جو نظام اڳرائي جي صورت ۾ ڪنهن به مخالف جي سخت سزا کي يقيني بڻايندو، وزيراعظم پاران پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، خطي ۾ اسٽريٽيجڪ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ هٿياربند فوجن جي اهم ڪردار جو اعتراف پڻ ڪيو، تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سوڌو اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت شريڪ هئي.
بلوچستان دهشتگردي پرڏيهي فنڊنگ تي هلندڙ راند هئي، معصوم ماڻهو مارڻ بدران اسان سان مقابلو ڪريو: فوجي ترجمان
راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته بلوچستان جي عوام ۾ محرومي جو احساس ۽ رياستي جبر جو تاثر موجود آهي، پرڏيهي اشارن تي مخصوص ڌريون ناڪاري مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿيون، جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ٿينديون ۽ ترقي نه ٿيندي ته ان سان محرومي جو احساس ۽ رياستي مداخلت جو بيانيو وڌيڪ وڌندو پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ ترقي نه ٿيڻ سبب دهشتگردن جا سرپرست رياست کي ان جو ذميوار قرار ڏيندا ۽ پنهنجو ڪڌو عمل جاري رکندا، 25 ۽ 26 آگسٽ واري رات جا واقعا ان ئي پرڏيهي فنڊنگ تي هلندڙ راند جو حصو هئا، اهڙا واقعا ڪرائيندڙن جو انسانيت ۽ بلوچ قدرن سان ڪو به تعلق نه آهي، هٿين خالي شهرين کي ظلم جو نشانو بڻائڻ ۽ ان تي فخر ڪرڻ هنن جي ذهنيت ۽ مايوسي جي عڪاسي ڪري ٿو، دهشتگردن کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته شهرين جي جان، مال ۽ ترقيءَ جي دشمنن کي رياست فولادي هٿن سان منهن ڏيندي، دهشتگردن کي پنهنجي ڪيتي جو حساب ڏيڻو پوندو، ايڏي همت آهي ته پوءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ بدران اسان جو مقابلو ڪيو
فوج پنهنجي دفاعي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي
راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته فوج پنهنجي دفاعي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته فوج ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي مد ۾ 100 ارب رپيا جمع ڪرايا آهن، ملڪ دشمنن تي نظر آهي، ميري اک رکندڙن کي نه ڇڏينداسين،