ڪيپسٽي پئمينٽ ڪنٽرول کان ٻاهر: آءِ پي پيز کان 1198 ارب جي بجلي خريداري تي3127 ارب رپين جون ادائگيون
جُولاءِ 22, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪيپيسٽي پئمينٽ جو جن ڪنٽرول مان نڪري ويو، گذريل سال آءِ پي پيز کان 1198 ارب رپين جي بجلي خريد ڪئي وئي پر 3127 ارب روپين جو ادائگيون ڪيون ويون، هڪ سال ۾ بجلي خريد ڪرڻ کانسواءِ آءِ پي پيز کي 1929 ارب رپين جي ڪيپسٽي پئمئينٽ ڪئي وئي. آءِ پي پيز کي ڪل ڪيل ادائگين جو 38 سيڪڙو پيداواري لاڳت جا هئا، 62 سيڪڙو ڪيپسٽي پئمينٽ جو انڪشاف ٿيو آهي. 85 سيڪڙو آئي پي پيز جي پئداوار 50 سيڪڙو کان گهٽ پر ادائگيون 100 سيڪڙو تي ڪيون ويون، زيرو سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر پاور پلانٽس کي هڪ سال ۾ 46 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڪيپسٽي پئمئينٽ ادا ڪئي وئي. زيرو سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر وارن پلانٽس ۾ حبڪو، ڪيپڪو، ايڇ سي پي سي شامل آهن. چار سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر رکندڙ هڪ پلانٽ کي 7 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي، 8 سيڪڙو پيداواري صلاحيت رکندڙ نندي پور پلانٽ کي 15 ارب رپين جي ڪيپسٽي پئمئينٽ ادا ڪئي وئي. ڪيپسٽي کان 25 سيڪڙو گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 568 ارب رپيا ڪيپسٽي پئمئينٽ ادا ڪئي وئي. 25 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 1314 ارب رپين جي ڪيپسٽي پئمئينٽ ادا ڪئي وئي.