نگران حڪومت دوران ڪرايل جاچ ۾ 9 مئي واقعن جي تحريڪ انصاف سڌي ذميوار قرار
مَي 9, 2024
نگران حڪومت دوران ڪرايل جاچ ۾ 9 مئي واقعن جي تحريڪ انصاف سڌي ذميوار قرار، نگران وفاقي وزيرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف رد نه ڪرڻ جوڳا وڊيو ثبوت موجود آهن، جاچ ڪميٽي پاران 9 مئي واقعن جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي سفارش، ڪميٽي سفارشن ۾ چيو آهي ته سرڪاري ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي ڪارروائين کي سنگين ڏوهه قرار ڏنو وڃي، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله 9 مئي واقعن بابت نگران دور جي جاچ رپورٽ کي روايتي قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 9 مئي واقعن بابت ڪنهن به رپورٽ جي ضرورت نه آهي، 9 مئي سانحي جي واقعن ۽ ان جي ذميوارن جي سموري قوم کي خبر آهي، ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو آهي