نگران وزير اعظم سمري منظور ڪئي، اي سي سي 23 آڪٽوبر تي ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت ڏني : ڪڻڪ اسڪينڊل جا دستاويز سامهون اچي ويا

مَي 5, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪڻڪ امپورٽ اسڪينڊل ۾ نگران سرڪار جي وڏي ڪردار جي نشاندهي، ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ بابت سرڪاري دستاويزن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن

دستاويزن موجب 13 جولاءِ 2023ع تي شهباز حڪومت ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي وزير طارق بشير چيما 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي پر 8 آڪٽوبر تي اي سي سي اُنهي سمري کي رد ڪري ڇڏيو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ  4 سيپٽمبر تي فوڊ سيڪيورٽي جي وزير طور سمري جي منظوري ڏني، اُن کانپوءِ 23 آڪٽوبر تي اي سي سي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽي سي پي جي ڏنل ٽينڊر ۾ 24 نومبر تي ڪابه ٻولي نه لڳڻ باوجود 17 ڊسمبر تائين 12 لک ٽن ڪڻڪ گهرائي وئي، 29 ڊسمبر تي وڌيڪ 15 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي

دستاويزن موجب  هاڻوڪي حڪومت جي اچڻ کان 10 ڏينهن اڳ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جو مُدو 31 مارچ تائين وڌايو ويو، اُنڪري نئين حڪومت اچڻ باوجود ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو

ذريعن موجب ڪڻڪ امپورٽ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي وزيراعظم کي ابتدائي جاچ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب آگسٽ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 330 ارب روپين جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۾ سُرهو لڳل هو، پي ڊي ايم حڪومت جولاءِ 2023 تائين ڪڻڪ امپورٽ جو فيصلو روڪي رکيو هو

ڪڻڪ اسڪينڊل چانهه جي پيالي ۾ طوفان قرار: نه بحران نه ئي ڪرپشن آهي: ڪاڪڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪڻڪ معاملي تي چانهه جي پيالي ۾ طوفان آندو ويو آهي، هن معاملي ۾ نه جهول آهي، نه بحران ۽ نه ئي ڪرپشن آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪڻڪ امپورٽ بابت جاچ ڪميٽي گهرايو ته پيش ٿيندس، هُنن ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ نئون قانون منظور نه ڪيو هو، سرڪاري خزاني مان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ کان روڪيو هو، انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته نگران سرڪار پاران سرڪار بدران نجي شعبي وسيلي ڪڻڪ گهرائڻ جي هدايت ڪئي، نجي شعبي ۾ ٻولي لڳائڻ حڪومت جو ڪم ناهي، هن چيو ته 400 ارب روپين جي ڪڻڪ گهرائڻ واري ڳالهه انسپيڪٽر جمشيد جي ڪهاڻي وانگر آهي، اي سي سي ڪاٿو لڳايو هو ته 3 کان 4 ملين ڪڻڪ جي ضرورت آهي، اڳوڻي نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ امپورٽ جو ايس آر او پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جاري ڪيو هو، ايس آر او ۾ چيو ويو ته نجي شعبي کي ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت آهي، 60 ڪمپنين ڪڻڪ درآمد ڪئي.

ڪڻڪ اسڪينڊل خلاف هارين جو 10 مئي کان ملڪ گير احتجاج جو اعلان

ملتان (م ڊ) ڪسان اتحاد ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪردارن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي 10 مئي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪسان اتحاد چيئرمين خالد حسين کوکر ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ اسڪيندل سبب هارين جو 400 ارب رپين جو نقصان ٿيو ۽ ڪرپشن لاءِ 6 ڪروڙ هارين کي ذبح ڪيو ويو. هن چيو ته مٿي ويٺل ماڻهو درست فيصلا نه پيا ڪن، ڇا انهن کي علم نه هو ته بمپر فصل اچي رهيو آهي؟ ڪڻڪ جي درآمد تي هڪ ارب ڊالر ضايع ڪيا ويا. خالد حسين کوکر معاملي جي شفاف جاچ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪردارن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ڪسان اتحاد چيئرمين 10 مئي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته 10 مئي تي جمعي جي نماز کانپوءِ ملتان مان احتجاج شروع ڪنداسين.

شمشاد اختر جاچ ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿي

اسلام آباد: ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، اڳوڻي نگران ناڻي وزير شمشاد اختر جاچ ڪاميٽي وٽ پيش نه ٿي، ڪاميٽي ڪالهه کيس طلب ڪيو هو. هوڏانهن جاچ ڪاميٽي سربراهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، پڌرائي موجب دستاويزن ۽ انگن اکرن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪنهن حڪومتي، سياسي يا سرڪاري شخصيت کي طلب نه ڪيو ويو هو، نه ئي ڪاميٽي وزيراعظم سان ڪا ملاقات ڪئي آهي، رپورٽ اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، شروعاتي رپورٽ به ڪنهن کي پيش ناهي ڪئي وئي.

Leave A Comment