ڪيٽي بندر ويجهو هفتو اڳ هوڙو ٻڏي وڃڻ دوران گم ٿي ويل وڌيڪ 6 مهاڻن جا لاش هٿ
مارچ 12, 2024
ڪيٽي بندر ويجهو هفتو اڳ هوڙو ٻڏي وڃڻ دوران گم ٿي ويل وڌيڪ 6 مهاڻن جا لاش هٿ، فوتي مهاڻن جا لاش ڪورنگي فش هاربر تي پهچائي سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڏي فوت ٿيل مهاڻن ۾ سجاد گندرو، نور عالم، شير عالم، محمد ڪوڪي، رياض علي ۽ قيوم بهاري شامل، چئن مهاڻن جي رات دير سان ابراهيم حيدري ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، شيرو ملاح جو مڙهه سجاول ۽ قيوم بهاري جو لاش تدفين لاءِ اورنگي ٽائون اماڻيو ويو