تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

14 مارچ 1964ع

امريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جو قتل دنيا جي انهن پراسرار قتلن منجهان هڪ آهي جنهن جي محرڪن جي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. کيس 22 نومبر 1963ع تي اڳوڻي امريڪي فوجي لي هاروي اوسوالڊ پاران قتل ڪيو … وڌيڪ لاء

12 مارچ 1980ع

جان وين گيسي امريڪا جو اهو ريپسٽ ۽ سيريل ڪلر هو، جنهن الينواس ۾ 1972ع کان 1978ع دوران 33 نوجوان ڇوڪرن کي جنسي تشدد بعد قتل ڪري ڇڏي هو. هن پهرين شڪار کي چاقو هڻي قتل ڪيو هو، ان کانپوءِ … وڌيڪ لاء

11 مارچ 2004ع

هي ڏينهن اسپين جي تاريخ جو بدترين ڏينهن هو، جڏهن ميڊرڊ جي ريل گاڏين ۾ ٿيل بم ڌماڪن 193 ماڻهن کي موت جو شڪار بڻايو ۽ هزارين زخمي ٿي پيا. ٽن ڏينهن کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون رٿيل هيون. جاچ … وڌيڪ لاء

10 مارچ 1876ع

”مسٽر واٽس، هيڏانهن اچ آئون توسان ملڻ چاهيان ٿو“، هي اهي لفظ هئا، جيڪي پهريون ڀيرو انهي اوزار ذريعي چيا ويا، جنهن کي ”ٽيليفون“ چيو وڃي ٿو، ڳالهائيندڙ جو نالو گراهم بيل هو. اڄوڪي ڏينهن تي ٽيليفون جو عملي تجربو … وڌيڪ لاء

9 مارچ 1796ع

هي اهو ڏينهن هو جڏهن فرانس جي جنگجو حڪمران نيپولين پوناپارٽ، جوزيفائن سان شادي ڪئي. نيپولين کان 6 سال وڏي جوزيفائن جي ساڻس ملاقات 1795ع ۾ ٿي، ٻئي ڄڻا هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويا. اها شادي نيپولين جي … وڌيڪ لاء

8 مارچ 1010ع

حڪيم ابوالقاسم حسن المعروف فردوسي ڏهين صدي عيسوي جو نامور فارسي شاعر هو، جيڪو ايران جي علائقي خراسان جي شهر طوس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس شاعري جو شهڪار ”شاهنامه“ آهي، جنهن کيس شاعري جي دنيا ۾ … وڌيڪ لاء

6 مارچ 1930ع

هي اهو دور هو جڏهن عالمي ڪساد بازاريءَ دنيا جي هر ملڪ کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ورتو هو. هن ڏينهن تي پهريون ڀيرو ڪميونسٽ انٽرنيشنل تنظيم پاران دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ”عالمي بيروزگاريءَ جو ڏينهن“ ملهايو ويو. ان … وڌيڪ لاء

5 مارچ 1953ع

جوزف اسٽالن سوويت يونين تي سڀ کان طويل عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ سربراهه هو. هن 30 سالن تائين سوويت يونين تي راڄ ڪيو. 1945ع ۾ دل جي دوري کانپوءِ هن جي صحت ڪڏهن به مستقل طور ٺيڪ نه رهي پر … وڌيڪ لاء

4 مارچ 1996ع

امريڪي رياست وسڪانسن جي شهر ويوويگا ۾ ان وقت صبح جا 5 لڳي 39 منٽ ٿي رهيا هئا، جڏهن 81 بوگين تي مشتمل مال گاڏي اتان گذري رهي هئي، ڪانٽي بدلائڻ واري هنڌان 16 بوگيون خيريت سان گذري ويون پر … وڌيڪ لاء

3 مارچ 1938ع

هي اهو ڏينهن هو جڏهن پهريون ڀيرو سعودي عرب ۾ تيل جي دريافت ٿي. ان کان اڳ سعودي عرب جي آمدني جو مک ذريعو مقدس ماڳن جي زيارت لاءِ ايندڙ زائرين مٿان ٽيڪس هو پر جڏهن 30ع واري ڏهاڪي ۾ … وڌيڪ لاء

2 مارچ 2004ع

عراق جي تاريخ هي رت هاڻڪو ڏينهن هو، جڏهن عاشوري جي موقعي تي دهشتگردن پاران منظم نموني شهرين کي نشانو بڻايو ويو، نتيجي ۾ 178 شيعه مسلمان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ان ڏينهن … وڌيڪ لاء

27 فيبروري 1951ع

اڄوڪي ڏينهن کان پهرين امريڪا اندر ڪنهن به فرد جي مٿان ملڪ جو صدر ٿيڻ لاءِ اها پابندي نه هئي ته هو ڪيترا ڀيرا صدر ٿي سگهي ٿو. پر هن ڏينهن تي امريڪي آئين ۾ 22هين ترميم وسيلي اها پابندي … وڌيڪ لاء

25 فيبروري 1964ع

هي اهو ڏينهن هو جڏهن باڪسنگ جي دنيا ۾ هڪ ليجنڊ جي سفر جي شروعات ٿي. 22 ورهين جي ڪاسيئس ڪلي اڄوڪي ڏينهن تي هيوي ويٽ چيمپيئن سوني لسٽن کي اپ سيٽ شڪست ڏيئي پهريون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن جو ٽائيٽل … وڌيڪ لاء

23 فيبروري 1991ع

اڄوڪي ڏينهن تي ٿائلينڊ جي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ فوجي بغاوت جو واقعو پيش آيو، جڏهن فوجي جرنيل ڪونگسوم پونگ چونڊيل وزير اعظم چون هوان جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. چون هوان 1988ع ۾ وزير اعظم چونڊيو … وڌيڪ لاء