ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين سميت وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال

جُون 3, 2024

ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين سميت وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال، پريس ڪلب کان عمرڪوٽ کپرو روڊ تائين شهرين جي وڏي ريلي، مظاهرين مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پوليس ۽ ٽائون چيئرمين پاران ڏوهارين خلاف ڪارروائي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سياسي سماجي ۽ واپاري اڳواڻن چيو ته چوريون، دوڪانن کي کاٽ ۽ ڦرلٽ جون ڪارروائيون روز جو معمول بڻيل آهن، واقعن جا ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪٿي به ماڻهو محفوظ نه آهن، ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر احتجاج جو چتاءُ

Leave A Comment