ڪراچي ۾ ميٽرڪ امتحان جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جي ذميوار امتحان وٺندڙ سموري ٽيم قرار

فيبروري 22, 2024

ڪراچي ۾ ميٽرڪ امتحان جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جي ذميوار امتحان وٺندڙ سموري ٽيم قرار، انڪوائري ڪميٽي پاران تيار ڪيل رپورٽ نگران وڏي وزير کي ملي وئي

سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ جي سربراهي ۾ جڙيل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر سميت سموري ٽيم نتيجن ۾ ڦير ڦار جي ذميوار آهي

ميٽرڪ بورڊ ۾ بي ضابطگين جي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کان وڌيڪ جاچ ڪرائڻ جي سفارش، انڪوائري ڪميٽي پاران نتيجن جي ڦيرڦار ۾ ملوث بورڊ جي عملدارن خلاف ڪارروائي جي به سفارش

رپورٽ موجب جاچ دوران وقتي ڪنٽرولر عمران سميت ڪنهن به سهڪار نه ڪيو، جاچ ڪميٽي کي ريڪارڊ به فراهم نه ڪيو ويو، نتيجن جي هيراڦيري ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر خالد احسان به ملوث قرار

رپورٽ موجب خالد احسان کي جاچ ڪميٽي ۾ ميمبر طور به شامل ڪيو ويو، انتظاميا پاران بورڊ جي آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر ونگ کي نظر انداز ڪيو ويو، جنهن ڪري امتحاني نتيجن ۾ ڦيرڦار ۽ بدانتظاميون شروع ٿيون

 

Leave A Comment