ارسا جي هوڏ سکر بئراج جا گيٽس تبديل ڪرڻ واري ڪم کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو

جُون 24, 2024

ارسا جي هوڏ سکر بئراج جا گيٽس تبديل ڪرڻ واري ڪم کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو

پاڪستاني ۽ چيني انجنيئرز کي پاڻيءَ جا وهڪرا وڌڻ سبب ڪم ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون

انجنيئرز پاران خراب ٿيل گيٽ نمبر 47 تي ڪافر ڊيم نالي بند ٻڌڻ جو ڪم جاري، آبپاشي کاتي سنڌ جي درخواست باوجود ارسا پاڻي وهڪرا گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيا، 24 ڪلاڪن دوران بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ 17 هزار 855 ڪيوسڪس واڌ رڪارڊ

وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ سکر بئراج جي مختلف واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مقدار به وڌايو ويو، آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب پاڻيءَ جا واڌو وهڪرا سکر بئراج طرف وڌي رهيا آهن

بئراج جي دروازن جي بحاليءَ جو ڪم جلد پورو نه ڪيو ويو ته وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو وڌي هڪ لک 12 هزار 905 ڪيوسڪس ٿي ويو

گڊوٽ به پاڻي وهڪرو وڌي هڪ لک 63 هزار ڪيوسڪس ٿي ويو، آبپاشي کاتي موجب نارا ڪينال ۾ 11 هزار 955 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، روهڙي ڪينال ۾ 7 هزار ۽ رائيس ڪينال ۾ 5 هزار 50 ڪيوسڪس پاڻي ڇوڙ، دادو ڪينال ۾ 4 سئو، خيرپور ايسٽ ۾ 750 ۽ خيرپور ويسٽ ۾ 6 سئو ڪيوسڪس پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment