جاچ ادارا ججز کي خط لکندڙ جي ويجهو پهچي ويا: سمورا خط هڪ ئي شخص لکيا: ساڳئي پوسٽ آفيس استعمال
اپريل 8, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) ججن کي ڌمڪي جوڳا خط موڪلڻ جي معاملي تي جاچ ٽيمن خطن ۾ ملندڙ ڪيميڪل ۽ ان جي سپلاءِ جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي. ڄاڻايل ڪيميڪل ڪٿان ملندو آهي؟ ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ٽيمن آرسينڪ کپائيندڙن جو پتو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جاچ ٽيمن اسلام آباد جي آءِ ٽين ۽ راولپنڊي ۾ نيو ٽائون ۽ ڪمرشل مارڪيٽ جي پنسار اسٽورن جو دورو ڪيو. جاچ ٽيمن پنسار اسٽورن تان آرسينڪ پائوڊر جي خريداري بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، سي ٽي ڊي جاڙن شهرن ۾ آرسينڪ کپائيندڙن جي مڪمل ڊيٽا حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس ججز کي شڪي خط ملڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسلام آباد پوليس پاران رپورٽ به گهرو کاتي کي موڪلي وئي آهي، ذريعن ۾ خطن جي هينڊرائيٽنگ جي فرانزڪ رپورٽ سي ٽي ڊي کي ملي وئي، ذريعن موجب خطن جي لکائي ميچ ٿي وئي آهي، ٽنهي عدالتن جي ججز کي لکيل خط جي لکائي هڪ ئي شخص جي آهي، ريشم، ريشمان ۽ گلشاد خاتون جي نالن سان هڪ ئي شخص خط لکيا، ٽنهي عدالتن کي خط هڪ ئي پوسٽ آفيس مان اماڻيا ويا، سي ٽي ڊي ذريعن موجب ججز کي ڌمڪين واري خطن جو هڪ ئي ماسٽر مائينڊ آهي، خطن ۾ آرسينڪ به هڪ ئي شخص وڌو، آرسينڪ ڪٿان خريد ڪيو ويو؟ جاچ ڪندڙ ادارا ان جي به ويجهو پهچي چڪا آهن، پوسٽ باڪسز جي ويجهو حاصل ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيجز جي نادرا ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.