ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري، 50 ٻڪريون مري ويون، مالوند پريشان
آگسٽ 8, 2024
ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ چوپائي مال ۾ ويڪسين نه ٿيڻ سبب بيماريون پکڙجي ويون، ٻاڪرو مال تڙپي تڙپي مرڻ لڳو، مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ملوڪ ميگھواڙ، جمال نهڙي، قربان علي، ڪيلاش ڪمار، انور علي ۽ ٻين چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي ڇاڇرو ۽ ڏاهلي جي انتظاميا بيمارين کان بچاءَ واري ڪڏهن به ويڪسين نه ڪئي آهي، لکين رپين جو اسان غريبن جو نقصان ٿيو آهي، تازو ٿر ۾ برساتن کانپوءِ گاھ ڦٽڻ کانپوءِ بک جي ستايل چوپائي مال گاهه کائڻ بعد مختلف بيماري جو شڪار ٿي ويو آهي، لائيواسٽاڪ کاتي ٿرپارڪر انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ورتو، مالوندن مختلف ڳوٺن جي رهواسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،لائيواسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيمار مال جي ويڪسين ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.