ڇاڇرو-عمرڪوٽ نئون تعمير ٿيل روڊ معمولي برساتن ۾ اکڙي تباهه، ٺيڪيدار غائب

آگسٽ 28, 2024

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ مين روڊ ۾ ٺيڪيدار پاران مبينا ناقص مٽيريل جو استعمال ڪرڻ سبب معمولي برسات ۾ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو ڳوٺ نئون پرو، ولاسرو ۽ ڇاڇرو شهر ويجهو ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ جي سائيڊون نڪري ويون، خطرناڪ کڏا پئجي ويا آهن ان حوالي سان شهرين علي حسن راهمون، ذوالفقار، برڪت نهڙي، قربان علي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روڊ جو ٺيڪيدار روڊس کاتي جو دادلو هئڻ ڪري کانئس ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ڇاڇرو کان اڪ وڍو تائين ٺهندڙ روڊ ۾ ٺيڪيدار پاران جڳاڙي ڪم تان معمولي برسات پردو کڻي ڇڏيو آهي روڊ جي سائيڊن کان ٿر جي ڪچي واريءَ سان ڀرائي ڪئي وئي آهي انڪري برسات جو پاڻي لهڻ سبب هينئر کان ئي روڊ پاسن تان نڪري ويو آهي جيڪو خطرناڪ آهي، پراڻي روڊ کي وڌائي روڊ ويڪرو ڪرڻ ۾ مناسب طريقيڪار ۽ ميٽريل جو استعمال بهتر ٿيڻ گهرجي پر ائين نه ٿي رهيو آهي. هي مين روڊ آهي عوامي آمدرفت ۽ ٽرئفڪ به هوندي آهي واسطيدار روڊس کاتي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ هتان جي مقامي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ماملي جو نوٽيس وٺي اربين روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ روڊ کي بهتر بڻايو وڃي ته جئين حادثن کان زندگيون محفوظ رهي سگهن ۽ روڊ معياري ٺهي سگهي شهرين وڌيڪ چيو ته  روڊ جي تعميراتي ڪم جي جاچ ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Leave A Comment