چيف ڪمشنر اسلام آباد القادر ٽرسٽ جي رجسٽريشن بابت رپورٽ جمع ڇو نه پيو ڪرائي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
مَي 13, 2024
چيف ڪمشنر اسلام آباد القادر ٽرسٽ جي رجسٽريشن بابت رپورٽ جمع ڇو نه پيو ڪرائي؟ سرڪاري عهديدار خوف ڇو محسوس پيا ڪن؟ ذهن ۾ رکو ته هاڻوڪي حڪومت رڳو 5 سالن لاءِ اقتدار ۾ رهندي، باني پي ٽي آءِ سڀاڻي اقتدار ۾ اچي ويو ته پليٽ ۾ رکي رجسٽريشن ڪئي ويندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جا ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ القادر يونيورسٽي ٽرسٽ جي نئين ٽرسٽ ايڪٽ تحت رجسٽريشن واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته القادر ٽرسٽ کي رجسٽر نه پيو ڪيو وڃي، عدالت چيف ڪمشنر کي حڪم جاري ڪري، عدالت پاران رجسٽريشن بابت رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي چيف ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته سرڪاري عهديدارن کي رڳو الله جو خوف هجڻ گهرجي، عدالت پاران چيف ڪمشنر اسلام آباد کان ايندڙ ٻڌڻي تي ٻيهر رپورٽ طلب، ٻڌڻي ملتوي