چيف جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ جوابدار گرفتار
فيبروري 22, 2024
چيف جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ هڪ جوابدار گرفتار، ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدار عبدالواسع راولپنڊي جو رهواسي آهي، جوابدار سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ايڪس تي چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس ڪردار ڪشي ڪئي، ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جوابدار عبدالواسع کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب چيف جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ ٻين ڪردارن جي نشاندهي جو عمل به جاري آهي، مهم ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو