چيف جسٽس منهنجا ڪيس نه ٻڌي، پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، ملڪ بچائڻو آهي ته شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون: عمران خان
جُولاءِ 11, 2024
راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي ۽ ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي ته شفاف چونڊن کان علاوه ٻيو ڪو به رستو نه آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ کي بچائڻو آهي ته شفاف چونڊن طرف وڃڻو پوندو. ڪهڙي جمهوريت ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جا ٽرائل ٿيندا آهن. اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي ۽ ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته مون سان اهڙي طرح جو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيئن مان پاڪستان سان ڪا وڏي غداري ڪئي هجي. موجوده حڪومت پاڪستان جي اميد ختم ڪري ڇڏي آهي ڪنهن کي هن حڪومت تي ڀروسو ناهي رهيو. چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي. پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسان کي انصاف جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي رهيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ڪرائي آهي. قاضي فائز عيسيٰ چئي رهيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون ڇو نه ڪرايون، ڇا چيف جسٽس کي خبر نه آهي ته اسان جي سموري پارٽي انڊر گرائونڊ هئي، سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي انساني حقن ۽ 18 فيبروري جون درخواستون ڇو نه پيون ٻڌيون وڃن. عمران خان وڌيڪ چيو ته 2021 ۾ ملڪ جو قرض 2.8 ٽريلين هو چئن سالن ۾ ملڪ جو قرض 8 کان 9 ٽريلين تائين پهچي ويو جنهن غريب جو 2 هزار جو بل ايندو هو هاڻ ان جو 10 هزار جو بل اچي ٿو. سموري اشرافيه جا پئسا ٻاهر پيل آهن. اسان جي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ دهشتگردي ٿي مان بک هڙتال ضرور ڪندس، پر مون کي ڪجهه فيصلن جو انتظار آهي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيف جسٽس کي درخواست ڪئي آهي ته هو سندس خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي نه ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي عمران خان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن انٽرا ڪورٽ اپيلون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڪنهن جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ قانون ۾ ترميمون ڪنهن بنانا ري پبلڪ ۾ به ناهن ٿينديون، ڪرپشن سان معيشت تي هاڃيڪار ۽ ناڪاري اثر پوندا آهن، مون کي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ٻڌايو ته ترميمن جو فائدو اوهان کي به ٿيندو پر منهنجو موقف واضح آهي ته منهنجي ذات جو نه ملڪ جو معاملو آهي. پي ٽي آءِ باني پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ کي قانونسازي آئين موجب ڪرڻ گهرجي، نيب اختيارن جو غلط استعمال ڪندو آهي ته ترميمون ان کي روڪڻ جي حد تائين هئڻ گهرجي. هن چيو ته اختيارن جي غلط استعمال ڪرڻ جو مثال سندس خلاف نيب جو توشاخانا ڪيس آهي، نيب مون تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪروڙ اسي لک رپين جي هار جي قيمت ٽي ارب 18 ڪروڙ رپيا ڄاڻائي. عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو ته ماضيءَ ڪرپشن ڪندڙن قانون ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي ڍال بڻايو، ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ ڪيل ترميمون عوام جو قانون مان اعتماد ختم ڪرائي ڇڏينديون آهن، قانون جو مقصد ڪنهن اڪيلي فرد لاءِ نه پر عوام لاءِ ٿيڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ کي حقيقتن جي آڏو اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. پي ٽي آءِ باني پنهنجي جواب ۾ استدعا ڪندي چيو ته ماضي جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪري.