چيف جسٽس مدي ۾ واڌ فرد واحد جو فيصلو نه هوندو، ڪي پي ۾ گورنر راج لڳي سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
سيپٽمبر 14, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن به پارليامينٽ جو سڀ کان وڏو ڪم قانونسازي ۽ آئين ۾ تبديلي هوندو آهي. اِن جو سڀ کان پهريون مظاهرو ۽ سڀ کان وڏي ڪاميابي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏئي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اسان 18هين ترميم ذريعي ساڳيو آئين بحال ڪيو. 18هين ترميم تي بندوق رکي وئي، بندوق تاڻي 19هين ترميم منظور ڪرائي وئي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ججز مقرري لاءِ 18هين ترميم ۾ جيڪو طريقيڪار طئي ٿيو هو اهو واپس آندو وڃي، چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ واري سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ڪنهن هڪ فرد جو فيصلو نٿو ٿي سگهي. عدليه ۾ مقررين جو عمل آف دي جڊيشري، فار دِي جڊيشري ۽ باءِ دِي جڊيشري آهي، آئون اِن ۾ هڪطرفي تبديلي آڻڻ نه چاهيندس، آئون سمجهان ٿو اِن عمل ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آهي، عدليه کي طاقتور بڻائڻ گهرون ٿا ته جيئن ڪيسز جو بار ختم ٿئي ۽ عام ماڻهن کي انصاف ملي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي ٻڌل آهي. پيپلز پارٽي هن وقت عدليه ۾ جهڙي طريقي سان مقرريون ڪيون پيون وڃن اِن تي تنقيد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته نيب سڌارا جيڪي چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ هئا انهن تي به عمل ٿيڻ گهرجي. نيب کي رڳو سياسي انتقام جو ادارو نه بڻجڻ گهرجي. ميثاق جمهوريت ۾ عدليه جي حوالي سان به نقطا هئا انهن تي عمل ڪيو وڃي، اسان کي هر فيصلو تمام گهڻي اتفاق راءِ سان ڪرڻ گهرجي ته بهتر آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت رڳو آئيني ترميم جي ڳالهه ٿي رهي آهي. پر هن وقت اسپيڪر طرفان جوڙيل ڪاميٽي ۾ مولانا فضل الرحمان پاڻ به شامل آهي. جيڪڏهن ڪاميٽي آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ترميم نٿي ڪرڻ چاهي ته نه ڪنداسين، هن چيو ته هن وقت پاڪستان جا مسئلا نفرتن جي سياست سبب حل نه ٿي رهيا آهن. هن وقت هر ادارو ڪنهن نه ڪنهن چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هر ڪو ڏسي سگهي ٿو ته اهو نظام نٿو هلي، هڪ پاڪستاني کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پارليامينٽ سميت اسان جا سمورا ادارا مسئلن جو شڪار آهن. هن وقت صحافت به متاثر ٿي رهي آهي، تازو هڪ جلسي ۾ صحافين سان بدتميزي ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به ڳڻتي جوڳي آهي. تازو بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن ۽ ڪي پي ڪي ۾ به صورتحال خراب آهي. ڪي پي جو وڏو وزير پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو. گورنر راڄ بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گورنر راڄ جي خلاف آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه حالتن ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿئي ٿو ته پوءِ ارڙهين ترميم جي موجودگي ۾ گهڻي وقت تائين گورنر راڄ نٿو لڳائي سگهجي، گورنر راج لڳائڻ آخري قدم ٿي سگهي ٿو. ڪي پي ۾ گورنر راج لڳو به ته گهڻي دير نه هلندو، افغانستان سان ڳالهين واري گنڊاپور جي بيان تي بلاول چيو ته افغانستان گنڊاپور کي پاڻ وٽ رکي ڇڏي. ڪالهه کان اميد نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ساڳئي مسئلن تي غور لاءِ پارليامينٽ ۾ سمورين پارٽين تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. پارليامينٽ ۾ ورڪنگ رليشن هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن وقت مهانگائي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ اسان سڀني کي گهرجي ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون وڃن.