چيف جسٽس کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ تحريڪ لبيڪ جو نائب امير ظهير الحسن شاهه گرفتار

جُولاءِ 29, 2024

لاهور: تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي چيف جسٽس آف پاڪستان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو

ذريعن موجب ٽي ايل پي جي نائب امير ظهير الحسن شاهه کي اوڪاڙه مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ظهير الحسن شاهه اوڪاڙه ۾ نامعلوم هنڌ لڪيو هو

تحريڪ لبيڪ جي نائب امير پير ظهير الحسن شاهه خلاف چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

لاهور پوليس ايس ايڇ او حماد حسين جي فرياد تي قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ ٽي ايل پي جي 1500 ڪارڪنن کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ، مذهبي نفرت، فساد ۽ ڌاڙو هڻڻ جون دفعاتون شامل ڪيون ويون آهن. عدليه تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي
پوليس موجب ڪيس ۾ اعليٰ عدليه کي ڌمڪائڻ، حڪومتي ڪم ۾ مداخلت ۽ قانوني ڪمن ۾ رنڊڪون وجهڻ جون به دفعات شامل آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ پير ظهير الحسن سپريم ڪورٽ جي خلاف نفرت پکيڙي، جنهن تي ٽي ايل پي جي وائيس چيئرمين سميت 1500 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Leave A Comment