وزيراعليٰ پاران ڪميشن امتحانن جو معيار سڌارڻ ۽ هر سال پي ايس ايس امتحان ڪرائڻ جو حڪم
جُولاءِ 24, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته اها هر سال گڏيل چٽاڀيٽي واري امتحان (پي ايس ايس )ڪرائڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن آفيسرن جي کوٽ کي وقت سر پورو ڪري سگهجي
وزيراعليٰ هائوس ۾ چيئرمين محمد وسيم جي اڳواڻي هيٺ ايس پي سي جي ميمبرن رضوان ميمڻ، رضوان احمد، ملڪ غوري، قاضي شاهد پرويز، عارف حنيف، فرحت ڪمال، وڪرم سنگهه سوڍو، نصرت مڱڻ، ڪلپنا ديوي، رابعه صلاح الدين، ڊاڪٽر قاضي مسعود، مظفر لغاري، ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو ۽ سيڪريٽري نذير قريشي وزيراعليٰ سان ملاقات ڪئي، ڪميشن جي چيئرمين بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪميشن بنيادي ڪم سنڌ حڪومت جي سول بيوروڪريسي لاءِ قابل آفيسرن کي ڀرتي ڪرڻ آهي
هن وڌيڪ چيو ته سان منصفاڻي، شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي جي عمل ذريعي سڀ کان وڌيڪ مناسب اميدوارن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. هن چيو ته اسانکي صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن کان مختلف پوسٽن تي ڀرتي لاءِ اٽڪل 28 درخواستون مليون آهن، هن چيو ته اسان 5435 قابل ميڊيڪل آفيسر (مرد/عورت) ، ڊويزن سطح تي اسٽاف نرسز ، ليڪچرارن، سبجڪٽ اسپيشلسٽ ، ميونسپل آفيسرن ، ٽائون آفيسرن جي انتظامي کاتن کي سفارش ڪئي آهي
وڏي وزير ڪميشن جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ڪميشن ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۽ ميرٽ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ٻڌل ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪئي وڃي. ڪميشن چيئرمين چيو ته 2022 (سيپٽمبر 2022 کان ڊسمبر 2022)، 2023 (جنوري 2023 کان ڊسمبر 2023) ۽ 2024 (جنوري 2024 کان اپريل 2024) ۾ مختلف کاتن 9836 پوسٽن تي ڀرتي لاءِ سفارش اماڻي آهي. صحت کاتي 591 ، لائيو اسٽاڪ کاتي 257 ، 127، زراعت ۽ ماحوليات 93 ۽ ڪاليجز کاتي 83 پوسٽون جي سفارش ڪئي آهي
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميشن هن وقت 9466 پوسٽن جي چونڊ جي عمل ۾ آهي، جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن جون 2600، ڪاليج ايجوڪيشن جون 1659، زراعت جون 383، ورڪس اينڊ سروسز جون 34، صحت کاتي جون 179، جڏهن ته 1881 اي ايس آءِ ۽ 1300 ميڊيڪل آفيسر ۽ ٻيا شامل آهن. مراد علي شاهه ڪميشن ميمبر ن کي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ بهترين استادن جي چونڊ ڪئي وڃي. ايس پي ايس سي چيئرمين سالياني رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي