سنڌ جي 213 ارب جي ضمني بجيٽ منظور: ڊاڪٽرن، مهانگن اسڪولن ۽ اسپتالن کان ٽيڪس وصولي جو اعلان
جُون 27, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي وڏي وزير سيد مراد شاھ پاران 213.164 ارب رپين جي پيش ڪيل سپليمينٽري (ضمني) بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي،ڪالهوڪي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بجيٽ تقرير دوران اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ جنوري کان هن وقت تائين ڦُر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل 84 شهرين جي وارثن کي 10_10 لک رپيا ادا ڪيا ويندا، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري ڪي فور منصوبي ۾ دير ٿيڻ ۾ اسان جو به قصور آهي، ڪي فور منصوبي جي روٽ تي پهرين ڏينهن کان اسان اعتراض ڪيو، 2018ع ۾ اسان ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي لاءِ 122 ارب روپين جي ضرورت هوندي، ڪي فور منصوبي جو هڪ حصو ته 126 ارب رپين تائين پهچي ويو، 6 مارچ 2024ع تي مون وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي سندس ڪي فور منصوبي بابت ڪيل تقرير به ياد ڏياري. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي هڪ به نئون منصوبو نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته آئون وزيراعظم کي ڪي فور بابت ڪيل واعدو به ياد ڏياريندس. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي هڪ اسٽڊي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ 3 هزار ارب روپين جي ضرورت آهي، ايترا پئسا وفاق توڙي سنڌ سرڪار وٽ ناهن، هن چيو ته نگران حڪومت کي جيڪي ڪم ڪرڻا هئا، اهي به نه ڪيا ويا، هن چيو ته مون وزيراعظم کي مئي مهيني ۾ ٻيهر خط لکيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پوري مُلڪ ۾ روڊ ٺاهي رهي آهي پر سنڌ ۾ هاءِ ويز نه پيا ٺاهيا وڃن، وڏي وزير چيو ته جن ڪم نه ڪيو، اهي مزي ۾ آهن، جيڪي ڪم ڪن پيا انهن کي نيب ۾ ڦاسايو پيو وڃي، هن چيو ته جيڪو ميڊيا تي اچڻ بجاءِ عملي ڪم ڪندو انهي کي فارم 47 جو فڪر ڪرڻو نه پوندو ، هن چيو ته حب ڪئنال منصوبي ۾ دير ٿيڻ جو ذميوار اسان پاڻ کي سمجھون ٿا، آئون واعدو ڪريان ٿو ته هر حال ۾ اهو منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ڪراچي کي هڪ سال اندر 100 ايم جي ڊي پاڻي ڏينداسين، سيف سٽي منصوبي بابت هن چيو ته سيف سٽي منصوبي هيٺ 10 هزار نيون ڪيميرائون لڳايون وينديون، اسان سيف سٽي منصوبي مان 24 ارب رپيا بچايا آهن ،وڏي وزير چيو ته واحد سنڌ صوبو آهي جيڪو ڪاربن ڪريڊٽ مان 22 ملين ڊالر وٺي چُڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو سوشل پروٽيڪشن 21 لک ٻوڏ متاثرن جي گھرن وارو منصوبو آهي، هن وقت تائين ڏيڍ لک گھر تيار ٿي چُڪا آهن، 21 لک گھرن جي تعمير لاءِ 354 ارب رپين جو انتظام ڪري چڪا آهيون، 2025ع تائين 21 لک گھر ٺاهي ڏينداسين، ايندڙ مال سال ۾ ڪراچي لاءِ 208 ارب جون اسڪيمون آهن، صوبائي اي ڊي پي ۾76ارب جون 985 اسڪيمون آهن، 108 ارب رپين جا فارن فنڊنگ پراجيڪٽس آهن، 10 ارب روپين جون ڪراچي ۾ منظور ٿيل اسڪيمون آهن، 88 ارب رپين جا منصوبا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ تحت ڏينداسين، وڏي وزير چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ موجوده سيٽن کان وڌيڪ سيٽون کڻنداسين پر کيڏڻ جي لاءِ اپوزيشن به ضرور رکنداسين، هن چيو ته جنهن اسڪول جي سالياني في 5 لک کان وڌيڪ آهي انهي کان ٽيڪس وٺنداسين. 42 هزار ماهوار في وارن اسڪولن تي ٽيڪس لڳايو ويندو، خانگي اسڪولن کان ملندڙ ٽيڪس تعليم کاتي وٽ ويندو، ڪنهن به غريب تي ٽيڪس جو اثر نه پوندو، وڏي وزير چيو ته جنهن خانگي اسپتال جي بيڊ جي روزاني في 25 هزار کان وڌيڪ آهي انهي تي به ٽيڪس لڳايو ويندو، 3 هزار کان وڌيڪ في وٺندڙ ڊاڪٽر به ٽيڪس ڏيندو ، هن چيو ته ڪي ايم سي ۾ پگھارن جو ڪو مسئلو ناهي، پينشن جو پئسو ترقياتي منصوبن تي لڳائي ڇڏيو، هن چيو ته تعصب وارو طعنو منهنجي لاءِ گار آهي، آئون پاڻ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو آهيان، ڪراچي منهنجو شهر آهي، جيڪي خرابيون آهن، انهن جو ذميوار آئون آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون حڪومت ۾ آهيان، هن وڌيڪ چيو ته ٿاڻن کي ايندڙ سال کان مختص بجيٽ ڏينداسين، هن چيو ته هن ئي ايوان ۾ ملڪ جي پهرين ناڻي واري وزير پهريون خطاب انگريزي ۾ ئي ڪيو هو پر مون تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته آئون ٽاءِ ۽ پينٽ شرٽ پائي انگريزي ۾ بجيٽ ڇو پيش ڪندو آهيان؟ وڏي وزير چيو ته 5 سال اڳ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ هئي ، پهريون ڀيرو سال 18 ع ۾ ترقياتي بجيٽ اڌ تي گهٽجي وئي، هن سال ترقياتي بجيٽ 505 ارب هوندي. پنجاب صوبي به گذريل سال پنهنجي ترقياتي بجيٽ گهٽائي هئي، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ترقياتي رٿائون بند نه ڪيون پر سنڌ ۾ ڪم بند ڪرايا هئا، اسان ٿر ۾ ساڍا ست لک ٻوٽا لڳايا آهن، گوڙاڻو ڊيم ۾ مڇي ۽ بايو سلائين زراعت ڪئي پئي وڃي، وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾سنڌ اندر يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن، سنڌ ۾ روڊ سسٽم بهتر بڻايو آهي پر تنقيد ڪندڙ ٻاهر ناهن نڪتا ان ڪري کين سنڌ جي ترقي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي، هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي ڀرسان ڪي ڊي اي آفيسرن ڪورنگي ۾ زمين الاٽ ڪئي آهي انهن آفيسرن کي نوڪرين تان برطرف ڪنداسين، هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ اپوزيشن ٻڙي ٿي وئي آهي، اتي پهريان پيپلز پارٽي کي ڪجهه سيٽون ملنديون هيون، ڪراچي ۾ به مخالف ڌر کي زيرو ڪري ڇڏينداسين، هن ڀيري به ذري گهٽ اپوزيشن ٻڙي ٿي وئي هئي پر ڪجهه شيون هيڏي هوڏي ٿي ويون آهن.
سنڌ حڪومت پ پ منشور خلاف قدم پئي کڻي: خورشيدي
ڪراچي: اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون رڳو هڪٻئي تي الزامن واري سياست ڪن پيون، جنهن جو نقصان عوام کي ٿئي پيو، ڪالهه بجيٽ تقرير ڪندي هن چيو ته جيڪو شهر 70 سيڪڙو روينيو قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو، اهو شهر پاڻي کان ئي محروم آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪراچي وارن لاءِ وفاقي حڪومت جا فند بند ٿي چُڪا آهن؟ اسان ڪي فور منصوبي تي احتجاج ڪنداسين، علي خورشيدي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي پوليس حوالي ڪيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جو سي اِي او وائسراءِ بڻجي ويٺل آهي، سندس ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ غربت مٽايو نه پر غريبن کي ختم ڪرڻ وارو پروگرام هلي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جيڪي قدم کڻي پئي، اهي پيپلز پارٽي منشور خلاف آهن، حڪومت جي حالت اها آهي ته ٻارن کان سُٺي طريقي ساليانا امتحان به وٺي نه پئي سگھي، 1947 کان 2016ع تائين ٿيل لينڊ گريبنگ هڪ پاسي ۽ 2016ع کان اڄ تائين ٿيل لينڊ گريبنگ ٻئي طرف آهي، اورنگي ۾ قبضو ٿيو، لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو پر ڪجهه نه ٿيو.
سنڌ بجيٽ سيشن ۾ 135 ايم پي ايز تقريرون ڪيون * پ پ ميمبرن 36، متحده 10 ۽ پي ٽي آءِ حامين اڍائي ڪلاڪ ڳالهايو
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ سيشن دوران 135 ميمبرن تقريرون ڪيون. ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ پ پ ميمبرن 36، ايم ڪيو ايم ميمبرن 10 ڪلاڪ، ۽ پي ٽي آءِ حامي آزاد ميمبرن اڍائي ڪلاڪ تائين ڳالهايو . بجيٽ تي تقريبن چاليهه ڪلاڪن تائين بحث ٿيو، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ اسيمبلي جي 168 مان ٽن ميمبرن قسم نه کنيو آهي، وڏي وزير چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي وٽ 117 سيٽون آهن، سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي مان خوش آهي.