وڏو وزير اقليتي کاتي جي ڪارڪردگي تي ناراض: عوامي ڀلائي جا هڪ ارب جا فنڊ خرچ نه ٿيڻ تان پڇاڻو
جُولاءِ 26, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه اقليتي معاملن واري کاتي جي ڪارڪردگي تي ناراضپو ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو اقليتي مستحق ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد، طبي علاج، اسڪالرشپ، نياڻين جي ڏاج امداد، قدرتي آفتن جي متاثرن ۽ زيارتن لاءِ ويندڙن لاءِ رکيل هڪ ارب رپيا استعمال ۾ آڻي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اقليتن جي سهائتا لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اقليتي معاملن واري کاتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾اقليتي ايم پي اي مڪيش چاولا، 2 خاص معاونن لال چند اڪراڻي ۽ راجوير سنگهه،صوبائي سيڪريٽري انجم اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 4157880 اقليتون يعني 10000 اقليتي خاندان رهن ٿا، جن ۾ 460000 عيسائي، 3592500 هندو ۽ 105380 ٻيا خاندان شامل آهن، جن کي معاشي ۽ سماجي طور الڳ ڪيو ويو آهي هن چيو ته اقليتي معاملن واري کاتي جو ڪم اقليتن جي ڀلائي کي آهي، هن هدايت ڪئي ته مالي مدد ۽ اسڪالرشپ پروگرام تي عمل ڪيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ اقليتن جون 911 مذهبي جايون آهن جن ۾ 734 مندر، 141 گرجا گھر، 23 گرودوارا، هڪ پارسي ماڳ آهن. مراد شاهه اقليتي معاملن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته زبون عمارتن جي مرمت ڪئي وڃي، جتي اوور هالنگ يا واڌو ڪم جاري آهي ان کي تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته سرڪار 253 حساس مندرن ۽ ٻين مذهبي ماڳن ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ لاءِ 366.463 ملين رپيا رکيا آهن، انهي منصوبي کي تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ، جيڪي اڃا تائين ورهائجي نه سگهيا آهن، جنهن تي ايم پي اي مڪيش چاولا ٻڌايو ته سندس سربراهي ۾ 17 رڪني غير مسلم ويلفيئر ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا مالي مدد جي ڪيسن جي جاچ ڪندي. هن چيو ته مذهبي جاين جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ 580 ملين ، مالي امداد لاءِ 150 ملين رپيا، علاج لاءِ 120 ملين رپيا، اسڪالرشپ لاءِ 50 ملين رپيا، ڏاج/شادي لاءِ 50 ملين رپيا، قدرتي آفتن ۽ زيارت لاءِ 20 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته پاليسي موجب سال ۾ 4 ڀيرا 5000 کان 15000 رپيا غريبن/ ضرورتمندن ۾ ورهايا ويندا. علاج لاءِ 200000 رپيا، مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ) لاءِ 10000 کان 250000 رپيا (هڪ ڀيرو)، غريب/ضرورتمند نياڻين جي شادين لاءِ 50000 رپيا ۽ قدرتي آفتن جي متاثرن لاءِ 500000 روپيا ۽ ياترا لاءِ 200000 رپيا رکيا ويا آهن. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سوامي نارائن مندر ڪراچي ۾ لاچار، غريب ۽ ضرورتمند نياڻين لاءِ ٻه هاسٽلون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن لاءِ 25-2024ع لاءِ 20 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اجلا س ۾ راجوير سنگهه ۽ لال چند چيو ته مذهبي جاين جي مرمت مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊ ڪافي ناهن. جنهن تي وڏي وزير ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 600 ملين رپيا منظور ڪيا. اجلاس ۾ سست رفتاري سان هلندڙ 6 اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي، جن ۾ ڌرم شالا لاڙڪاڻو (19.835 ملين) ، نيئن ديري جي ٿاڻي ڀرسان هندو مساڻ جي ڪمپائونڊ وال، شيڊ ۽ ٻن ڪمرن جي تعمير ( 26.67 ملين) ڪنڌڪوٽ ۾ هندو مساڻ جي بحالي ۽ درٻار جي مرمت (39.672 ملين ) ، صالح پٽ جي ايس ايس ڊي ڌام جي بحاليءَ (19.831 ملين)، جيڪب آباد جي گرودوارا جي مرمت ( 19.82 ملين)، رهڙڪي درٻار جي مرمت ِ( 20 ڪروڙ) ۽ مديجي جي ايس ايس ڊي مندر ۾ اوپن شيڊ جي تعمير ۽ بابا جيرام داس مندر جي مرمت ( 14.99 ملين) شامل آهن. وڏي وزير اقليتي کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪيمون هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيون وڃن، ضرورت پئي ته رٿائن لاءِ وڌيڪ فنڊ جاري ڪنداسين.
سنڌ ۾ اقليتي وزير ۽ مشيرناهي: مڪيش چاولا ڊيفڪٽو بڻيل
ڪراچي: سنڌ ۾ اقليتي مامرن جو وزير ۽ مشير ناهي، نان مسلم ويلفير ڪاميٽي جو چيئرمين بڻيل اقليتي ايم پي اي مڪيش چاولا ڊي فيڪٽو وزير بڻجي کاتي جا مامرا هلائڻ لڳو، جڏهن ته 2 اڻ چونڊيل خاص معاونن لال چند اڪراڻي ۽ راجوير سنگهه کي اڃا تائين ڪو کاتو نه ڏنو ويو.
اقليتي کاتو ڪامورن لاءِ “ڪارو پاڻي”: 5 سالن ۾ 5 سيڪريٽري تبديل
ڪراچي: اقليتي کاتو ڪامورن لاءِ ڪارو پاڻي بڻيل، 5 سالن ۾ 5 سيڪريٽري مقرر ۽ تبديل ٿيا، کاتي ۾ ڪو ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيل ناهي، سيڪشن آفيسرن جي کوٽ سبب مامرا سپرنٽينڊنٽ هلائڻ لڳا.