وڏي وزير مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجَي بينهسن جي ملاقات
مَي 20, 2024
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجَي بينهسن جي ملاقات، وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران چائيلڊ اسٽنٽنگ جي سنگل ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي
ملاقات ۾ صحت واري وزير عذرا پيچوهو، وقتي چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا به موجود هئا، عالمي بينڪ جي ملاقات ڪندڙ وفد ۾ معاشي ماهر ۽ صحت جا ماهر به شامل هئا
وڏي وزير چيو ته عالمي بينڪ ٻارن جو قد ننڍو رهجي وڃڻ واري معاملي اسٽنٽنگ تي سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ اسٽنٽنگ جي شرح 46 سيڪڙو آهي جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون
غذائيت جي کوٽ، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ، صفائي سٿرائي جي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ نه هئڻ سبب چائيلڊ اسٽنٽنگ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار اهي سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي، گذريل 18 سالن دوران غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي