وڏي وزير پاران ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور جي وٽرنري اسپتالن ۾ زخمي جانورن جي داخلا جو حڪم

جُون 20, 2024

ڪراچي/ ملير (رپورٽ: فقير سليم ۽ ناز شر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته پرڳڻي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 انڊور وٽرنري اسپتالون (جتي جانورن کي داخل ڪري سندن مستقل علاج ڪيو ويندو) قائم ڪيون وڃن، انهن اسپتالن ۾ نه رڳو ڍورن پر گهٽين ۽ پاڙن ۾ زخمي ٿيندڙ جانورن ۽ پکين جو علاج پڻ ڪيو ويندو. اسان وٽ سرڪاري وٽرنري اسپتالن ۾ وٽرنري سرجن موجود آهن، جن کي استعمال ۾ آڻي گهٽين ۽ پاڙن جي جانورن جو ترت علاج ڪيو وڃي. ڪالهه ڪامپيريهينسو ڊزاسٽر ريسپانس سروسز  سينٽر ۾ زخمي ڏاچي ۽ گڏهه جي صحتيابي جو جائزو وٺڻ بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ سڄي سنڌ ۾ جانورن جون اسپتالون موجود آهن، جن ۾جانورن لاءِ سٺيون انڊور سهولتون به هجڻ گهرجن، جتي جانورن ۽ پکين جو علاج ۽ آپريشن ٿي سگهي. وڏي وزير لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو  ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور وارين جانورن جي 3 اسپتالن ۾ انڊور سهولتن کي اپ گريڊ ڪري، اتي سٺا وٽرنري ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيشن  مقرر ڪري، انهن اسپتالن کي ايڪسري مشين، الٽراسائونڊ ۽ ٻيون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي سانگهڙ مان آندل پير ڪٽيل ڏاچي ۽ حيدرآباد جي زخمي گڏهه بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.  هن چيو ته ڏاچي صحتياب ٿي رهي آهي، اها  گاهه کائڻ سان گڏ تازو پاڻي پي رهي آهي. هن چيو ته زخمي گڏهه جون پٺيون ڄنگهون مختلف هنڌن تان ٽٽل آهن، سندس سڄي جسم تي ڌڪن جا نشان آهن. هن چيو ته علاج دوران گڏهه هڪ درجن ڀيرا اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر رڳو 4 کان 5 ڀيرا ڪوششن ۾ ڪامياب ٿي سگهيو. معائني ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته گڏهه جي ٻنهي پٺين پيرن جي سنڌن ۽ هيٺين ٽنگن ۾ گھڻا ڌڪ لڳل آهن، ڪلهي تي گهرا زخم هئا. شروعاتي ايڪسري ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ميٽاٽارسل، ٽارسل ۽ هنگ جوڙن وٽ لڳل ڌڪ خراب ٿي ويا آهن. ٽبيا فيبولا ۽  هڏن ۾  فريڪچر پڻ مليا آهن. هن وقت گڏهه جي وهندڙ رت کي بند ڪري زخم کي صاف ڪيو ويو آهي، سندس روزاني ڊريسنگ ( مرهم پٽي) پڻ ٿي رهي آهي، سندس هاضمو نارمل آهي، سندس کاڌ خوراڪ جي مقدار ۾ بتدريج بهتري اچي رهي آهي. کيس پيشاب وقفي وقفي سان اچي رهيو آهي، سندس مهانڊي جي حالت پڻ نارمل آهي. کيس ساهه کڻڻ ۾ ڪا تڪليف ناهي، سندس نبض پڻ تيز هلي رهي آهي، هن چيو ته گهميل موسم سبب گڏهه جي  ڀڳل عضون ۾ گينگرين پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا جانور جي مٿين عضون ۽ شريانن تائين پکڙجي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وڏي وزير صوبائي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي زخمي جانورن جي مناسب علاج ۽ سار سنڀال کي يقيني بڻائي کيس اڳڀرائي کان آگاهه ڪري. وڏي وزير سڄي سنڌ جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته جانورن تي ظلم برداشت نه ڪيو وڃي، زخمي جانورن جي علاج لاءِ تڪڙا  قدم کڻي ظالمن کي گرفتار ڪري مٿسن ڪيس داخل ڪيا وڃن

زخمي ڏاچي جي مدد ڪريو: چندي جون اپيلون شروع

ملير :  زخمي ڏاچي جي مدد ڪريو: ملير واري اينيمل شيلٽر ھوم جي انتظاميا سوشل ميڊيا ذريعي چندي جون اپيلون شروع ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ شيلٽر هوم جي انچارج شيما خان موجب سي ڊي آر ايس جي اينميل شليٽر ھوم ۾ زخمي ڏاچي گذريل پنجن ڏينهن کان داخل آھي۔ ڏاچي جي علاج ۽ ھن وقت جي صورتحال بابت توهان اسانجي سوشل ميڊيا  پيج کي ڏسو، هن چيو ته اسان وٽ رڳو ڏاچي نه پر ٻيا به جانور آھن، جن لاءَ چندو ڪريون پيا.

پوليس جاچ مڪمل نه ڪئي، جوابدارن کي اڄ عدالت پيش ڪيو ويندو

شھدادپور(رپورٽ: عبدالحميد کوسو) ڳوٺ نندو شر ۾ فصل جي ڀيل تان ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 6 جوابدارن رستم شر، عابد شر، جعفر جٽ، شڪور شر، گل بيگ لاشاري ۽ دريا خان شر جو ڪالهه چئن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيو، جوابدارن کي اڄ سانگهڙ جي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ذريعن موجب منگلي پوليس جاچ مڪمل نه ڪري سگهي آهي، جاچ آفيسر پاران وڌيڪ رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي.

قتل ناهيان ٿيو، جيئرو ويٺو آهيان، طبيعت ٺيڪ ناهي: ڏاچي مالڪ

ورڪشاپ(رپورٽ: غلام قادرشر) ڏاچي سان ٿيل ظلم تي مالڪ ڳوٺ فقير عثمان بُھڻ واسي پيرسن سومر بُھڻ پوليس جي سخت دٻاءَ سبب پريشان رهڻ لڳو آهي ۽ سندس طبيعت خراب ٿي وئي آهي، سندس ڀائيٽي صدرو بھڻ ٻڌايو ته چاچو سخت دٻاءَ جو شڪار ھجڻ ڪري مسلسل پريشان رھي ٿو، سندس بلڊ پريشر ٺيڪ نه ٿو رھي، سوشل ميڊيا تي قتل بابت هلندڙ خبرن جي ڏاچي مالڪ سومر بھڻ ترديد ڪندي چيو ته بيمار ضرور آھيان پر اڃا حال حيات آھيان، پيرسن ھجڻ ڪري منهنجو والي وارث ڀائٽيو صدرو بُھڻ آھي، سمورا مامرا ھاڻ اهو سنڀاليندو، ڏاچي جي مالڪن سومر بهڻ ۽ صدورو بهڻ چيو ته اسان مقرر ٿيل جاچ آفيسر شمس شر مان مطمئن ناھيون، انڪوائري ڪندڙ ڊي ايس پي لونگ به شر آھي، ٿاڻي جو اي ايس آءِ شمس به شر آھي، چوڪي انچارج اي ايس آءِ ٻڍل به شر آهي، جنهن زميندار جي زمين ھئي اھو به غلام رسول شر آهي، سڀئي پاڻ ۾ ويجها عزيز ۽ دوست آھن، انهن مان انصاف جي اميد نظر نه ٿي اچي، هنن چيو ته ڏاچي تي ظلم ڪندڙ جوابدارن کي مقامي وڏيري جي ھشي ھئي، تڏھن انهن اھڙو ڪهر ڪيو، تڪ جي ايم اين اي بار بار اھو ذڪر ڪري رھي آھي ته اسان جو ڏاچي واري مامري تي ٺاهه ٿيو آھي، ان وٽ ڪهڙو ثبوت آھي، ڪهڙي آڌار تي اھو بيان ڏئي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ھاريو پيو وڃي، ڪنهن سان به ٺاهه ناھي ٿيو، جيستائين مڪمل انصاف نه ٿيندو، ٺاھ جو سوچي به نٿا سگهون، تڪ جي ايم ين اي ساٿ ڏيڻ بدران وڏيري جي ڌر بڻيل آھي.

گورنر پاران زخمي ڏاچي جو دبئي مان علاج ڪرائڻ جو اعلان

ملير : سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري هٿان پير ڪپيل ڏاچي کي ڏسڻ لاءِ عيد جي ٻئي ڏينهن اينيمل شيلٽر هوم ملير ۾ پهتو، گورنر زخمي ڏاچي کي پنهنجن هٿن سان گاھ کارايو ۽ سندس نالو ڪيمي ( توڏڙي) رکيو، ان موقعي تي اينيمل شيلٽر هوم جي انتظاميا گورنر کي زخمي ڏاچي جي سار سنڀال ۽ علاج بابت آگاهي ڏيندي چيو ته اينيمل شيلٽر هوم ڏاچي جي سار سنڀال تي ڀرپور توجهه ڏئي رهيو آهي. گورنر انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمي ڏاچي جي علاج ۽ سار سنڀال ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، هن چيو ته مون گڏيل عرب امارتن  جي قونصل جنرل سان به ڏاچي جي علاج بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڏاچي جو دبئي مان علاج  ڪرائبو ، علاج  جو سمورو خرچ آئون پاڻ ڪندس.

ٽنڊي غلام حيدر: فصل جي ڀيل تان ظالمن مينهن جو سڱ ڪٽي ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڀرسان ويٺل ڳوٺاڻي دودو منگواڻو تلهار پهچي پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  منهنجي مينهن بااثر جي زمين ۾ اچانڪ فصل جي ڀيل ڪئي، جنهن تان بااثر جوابدار مينهن کي ڪهاڙي هڻي سڱ ڪٽي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جوحد جي پوليس  متارو  چيڪ پوسٽ تي اطلاع ڏنو ويو، جتان مينهن جي اعلاج لاءِ  ليٽر ڏنو ويو، سندس چوڻ هو ته جوابدار  سومار ڪولهي خلاف ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي،   ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته   ٻنهين ڌرين  جو پاڻ ۾ ٺاهه  ٿي ويو آھي فيصلي کان پوءِ ميهن مالڪ ٿاڻي تي ناهي آيو.

گورنر زخمي ڏاچي “ڪيمي“لاءِ 20 مڻ گاھه پڻ ڏنو

ملير: گورنر ڪامران ٽسوري اينيمل شيلٽر هوم ملير جي دوري دوران زخمي ڏاچي لاءِ 20 مڻ گاھ پڻ ڏنو۔

ڏاچي جي ڄنگھه ڪٽڻ ۾ ملوث ناهيان، اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي: جوابدار

ورڪشاپ: ڏاچي جي ڄنگھه ڪٽڻ جي الزام ھيٺ آيل زمين مالڪ غلام رسول شر پاڻ مٿان لڳايل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته بنا جواز منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سمورا الزام بي بنياد آھن، شفاف جاچ ڪرائي ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي

پئسا نه انصاف ڏيو: اي سي ڏاچي مالڪ وٽ پهتو، مالي مدد جي آڇ، مالڪ پاران انڪار

ورڪشاپ: اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ ڳوٺ عثمان فقير بھڻ پهچي ڏاچي مالڪ سومر بھُڻ سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا، ڏاچي مالڪ سومر بُھڻ اي سي اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اي سي ڏاچي مالڪن کي مالي مدد جي آڇ ڪئي، جيڪا هنن ٿڏي ڇڏي ۽ چيو ته اسين رکي سکي کائي گذاري وينداسين، پئسن تي پنهنجو ضمير وڪرو نه ڪنداسين، سڀاڻي ماڻهو اسان کي چوندا ته بي زبان اٺ جا پئسا ورتا آھن، انصاف وٺرائي ڏيو اوھان جا احسان مند رھنداسين.

Leave A Comment