سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نگران ڪابينا جي سمورن تڪراري فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو اعلان

مارچ 8, 2024

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي جون زمينون الاٽ ڪرڻ سميت نگران حڪومت جي سمورن تڪراري قدمن تي نظرثاني ڪرڻ جو اعلان، سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جون زمينون هڪ خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ سميت جيڪي به قدم کنيا انهن تي نظرثاني ڪئي ويندي، سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ بابت سي سي آءِ ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيو هو، نگران حڪومت کي ايڏا وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ئي نه هو، سنڌ ڪابينا جڙڻ بعد نگران سرڪار جا ڪيل فيصلا نظرثاني لاءِ ڪابينا آڏو رکيا ويندا، ايم ڪيو ايم سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ڪندي ته ان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار جو ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، سنڌ جي 44 لک 13 هزار خاندانن کي رمضان دوران 5-5 هزار روپيا ڏينداسين، سنڌ جي 60 سيڪڙو آبادي رمضان پئڪيج مان فائدو حاصل ڪري سگهندي

Leave A Comment