وڏو وزير پيرجوڳوٺ ٿو اچي: سيپڪو عملدار خيرپور مان ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا
جُولاءِ 18, 2024
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٽالپور ڪالوني واسين ٽرانسفارمر لاهي کڻي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اسماعيل چنا، عبدالباري لاڙڪ، توحيد، جي ايم منگي، سعد ۽ ٻين چيو ته ٽالپور ڪالوني جو هڪ هفتو اڳ ٽرانسفارمر سڙي ويو هو جيڪو ڪالوني وارن ڏيڍ لک رپيا چندو ڪري ٺهرايو هو، هنن چيو ته ٽرانسفارمر واپڊا وارا اهو جواز ڄاڻائي لاهي کڻي ويا آهن ته پير جو ڳوٺ ۾ وڏو وزير پيو اچي، هن ٽرانسفارمر جي اتي ضرورت آهي، هنن چيو ته نائين محرم تي ٽرانسفارمر لاهي واپڊا وارا يزيدي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽرانسفارمر لڳايو وڃي.
”وڏو وزير ٿو اچي“ جيڪب آباد ۾ پوليس شهر بند ڪرائي ڇڏيو
جيڪب آباد (رپورٽر) وڏي وزير مراد جي آمد جي موقعي تي پوليس پاران زبردستي شهر بند ڪرايو ويو آهي پوليس پاران شهر بند ڪرائڻ دوران شهرين سان منهن ماري به پڻ ٿي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور روڊ، پير بخاري روڊ، فيضان مدينا روڊ، قائداعظم روڊ، سول اسپتال روڊ تي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو وڏي وزير جي آمد جي موقعي تي پوليس پاران شهر جو زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ تي شهرين دانهيندي چيو ته نائين محرم الحرام جي سلسلي ۾ نياز، ننگر لاءِ سامان وٺڻ لاءِ آيا آهيون پر پوليس زبردستي ڪاروبار بند ڪرايو آهي جنهن سبب خريداري لاءِ پريشان آهيون