وڏي وزير پاران ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ قديمي دريائي ڍورن جي بحالي جو اعلان

جُون 12, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي نظر ۾ رکندي  صوبائي حڪومت پاڻي جي نيڪال وارن قدرتي لنگهن ( دريائي ڍورن) جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن برساتي پاڻي کي قدرتي طريقي سان نيڪال ڪري سگهجي. ڪالهه هالينڊ جي سفير  هيني ڊيويريس سان ڳالهائيندي هن چيو ته  2010، 2011 ۽ 2022 جي ٻوڏن سبب متاثر ڪئنال سسٽم، آبپاشي نيٽ ورڪ ۽ ڊرينيج سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن ٻوڏ يا دريائي پاڻي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ وڏي نقصان کي گهٽايو وڃي.  وڏي وزير ۽ هالينڊ سفير وچ ۾ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مسز هيني ڊي وريس چيو ته هالينڊ زرعي ترقي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي موجوده دور ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ فصلن جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو سيڙپڪاري کاتو هالينڊ سفارتخاني سان رابطو ڪريزرعي سپورٽ ميڪنزم تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وڏي وزير هالينڊ جي ڪمپنين کي ڪراچي ۾ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس ۾ سيڙپڪاري  جي آڇ ڪئي. اهو ٽريٽ ٿيل پاڻي صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو  هالينڊ جي سفير وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو هالينڊ جي سيڙپڪارن لاءِ منصوبن جي لسٽ شيئر ڪري. هالينڊ جي سفير پاران سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي ترقيءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ مالي سهڪار جي پڻ آڇ ڪئي وئي.

Leave A Comment