چين کي پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف

مَي 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان اجلاس  ٿيو، اجلاس ۾  مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان، چين ٻطرفه اقتصادي لاڳاپن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. وزير اعظم جو چوڻ هو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي، چيني صنعت خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائل صنعت کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، پاڪستان چين سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ترجيحي بنيادن تي چين کي پاڪستاني شين جي برآمدات وڌائڻ چاهي ٿو.حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي. سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي لاءِ تياريون جاري آهن. وزيراعظم چيو ته گوادر پورٽ کي چين جي سهڪار سان لاجسٽڪ حب بڻايو ويندو.  وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سهڪار جي نون منصوبن جي لاءِ تياري ڪن ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، چين پاڪستان جي برآمدات وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو.

Leave A Comment