چوهڙ جمالي لڳ دڙو بئراج تي پل نه ٺهي، لاش ڦٽي تي رکي پار ڪرايو ويو، وڊيو وائرل

آگسٽ 7, 2024

چوهڙ جمالي(رپورٽ:  حميدالله ميمڻ) چوهڙ جمالي لڳ دڙو بئراج تي پل نه ٺهي، لاش ڦٽي تي رکي پار ڪرايو ويو، وڊيو وائرل، احتجاج. چوهڙ جمالي ڀرسان نيوي ڪئمپ لڳ دڙو بئراج جي پاسي ڪچي واري علائقي ۾ سالن کان قائم ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ حسين ڪونجائي، محمد داد منٺار سمون، حيدر چانڊيو، خدابخش خاصخيلي، بنيادي سهولتن کان محروم آھن گذريل ڏينهن ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ پيرسن ڪانڍيرو ڪونجائي جو لاش دڙو بئراج جي آر ڊي 72 وٽان پل نه هجڻ ڪري ڦٽي تي رکي پار ڪرائي قبرستان پهچايو ويو. ٻئي طرف ڳوٺاڻن عرس ڪونجائي، اسحاق ڪونجائي، علي ڪونجائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن پل نه تعمير ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي  ڳوٺ کي ڪا به بنيادي سھولت ميسر ناھي، بجلي، صاف پاڻي سميت ڪنھن به قسم جي سھولت ناھي ڏني وئي، اسان ھن جديد دور ۾ به جنازا مقام تائين پھچائڻ لاءِ به روڊ نه ھجڻ ڪري جنازا ڦٽي تي رکي دڙو برانچ جي آر ڊي 72 مان پار ڪرايون ٿا. ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،

وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ميڊيا جون ٽيمون پهچي ويون، ڳوٺاڻن کان تفصيل وٺي واپس روانيون

چوهڙ جمالي: لاش ڦٽي تي رکي تلاءَ مان پار ڪرائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا جي ٽيمن پهچي متاثر ڳوٺاڻن کان تفصيل ورتا. ڳوٺاڻن علي ڪونجائي، عرس ڪونجائي، اسحاق ڪونجائي، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان هر ڀيري ائين ئي پنهنجي پيارن جا جنازا اتان گذاريندا آھيون تمام گهڻي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آھيون پر ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

6 سال اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پل جي منظوري ڏيڻ باوجود اڃا پل تعمير ناهي ٿي: ڳوٺاڻا

چوهڙ جمالي: علائقي واسين چيو ته اڳ به اسان جي هڪ جنازي جي وڊيو وائرل ٿي هئي، تڏهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي پل جي منظوري ڏني هئي، جنهن کي 6 سال جو عرصو گذري ويو آھي پر الائي ڇو اڃا پل نه ٺھي سگهي آهي، اسين اڄ به انهي عذاب ۾ مبتلا آھيون هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پل سميت زندگي جون ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن

Leave A Comment