شهر جي جيل روڊ، پراڻو سکر، وسپور محلا، رائل روڊ، قريشي ڳوٺ، گلشن اقبال ڪالوني ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو
جُون 22, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ برسات ميونسپل انتظاميا جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو، شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور، خبر موجب گذريل رات تيز طوفاني هوا سان گڏ برسات جي نتيجي ۾ سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي جيل روڊ، سکر روهڙي روڊ، پراڻو سکر، وسپور محلا، رائل روڊ، قريشي ڳوٺ، گلشن اقبال ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو، سکر کان روهڙي ايندڙ ويندڙ شهرين جون گاڏيون، موٽر سائيڪلون برساتي پاڻيءَ مان گذرڻ سبب بند ٿي ويون ۽ کين پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ ڊرينيج ۽ برسات جو پاڻي گڏجي گهرن ۽ دوڪانن ۾ داخل ٿي ويو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل برساتن ۾ شهر اندر لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين ٻيڙيون هلنديون رهيون، رهائشي توڙي ڪاروباري زندگيءَ کي تمام گهڻو ڪاپاري ڌڪ رسيو هو، ماضي مان انتظاميا کي سبق حاصل ڪندي ڊرينيج نظام، ڊرينيج نالن جي صفائي سٿرائي سميت مون سون برساتن جي اڳڪٿي سبب مناسب بندوبست ڪرڻا هئا جيڪي ناهن ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته ڊرينيج جي بهتري طرف توجهه ڏئي فوري طور تي انتظام مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن برسات دوران نقصانن کان بچي سگهجي، ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل جو چوڻ آهي ته ڊسپوزل اسٽيشنز تي مشينري هلندڙ آهي اڪثر علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي رهيل علائقن مان به جلد پاڻي نيڪال ٿي ويندو، هوڏانهن برسات بعد سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا 212 فيڊرز ٽرپ ڪري ويا، جن جي بحالي وارو سلسلو رات جو دير تائين جاري رهيو، سيپڪو ترجمان موجب 155 فيڊرز تي بجلي بحال ٿي وئي آهي، رهيل فيڊرز تي بجلي بحالي وارو سلسلو جاري آهي.