Climate Fiction … موسمياتي تبديلين جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ ناول … ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

                 يارنهن سالن جي سِلويا پنهنجي ماءُ سان گڏ پنھنجي اباڻي ماڳ ‘بئڪ ھوم’ مان لڏپلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي شھر ۾ رٓسي ٿي. سندس اباڻي وستي کي ھن ناول ۾ ‘بئڪ ھائوس’ ڪوٺيو ٿو وڃي. سٍلويا پنهنجي امڙ سان جنھن ماڳ ڏانهن لڏي ٿي اچي، ان جو نالو ‘آئيلينڊ سٽي’ آھي. ڄاڻايل شھر جي ‘مارننگ سائيڊ’ نالي  زبون حال ھڪ گھڻ ماڙ  عمارت ۾ رھائش اختيار ڪري ھو پنھنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪن ٿا. آئيلينڊ سٽي ماضيءَ ۾ ھڪ شاھوڪار ۽ خوبصورت شھر ھو، مگر سامونڊي طوفان اچڻ جي ڪري سڄو شھر پاڻيءَ جي ور چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ آباد شھر ھڪ ويران ۽ ڀڙڀانگ وستيءَ ۾ بدلجي ويو.

                 سامونڊي ٻوڏ سبب ھن ويران شھر کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ اتان جي حڪومت ٻاھران ماڻهن کي گھرائي اتي آبادي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو، جنهن کي ‘رٍي پاپوليشن پروگرام’ يعني ٻيھر آبادڪاريءَ جو نالو ڏنو ويو. ان ٻيھر آبادڪاريءَ واري منصوبي ھيٺ سٍلويا جنگ، ڦرمار ۽ موسمياتي حالتن سبب متاثر ٿيندڙ علائقي مان لڏپلاڻ ڪري ھتي آئيلينڊ سٽي جي مارننگ سائيڊ نالي ھڪ ڀڙڀانگ پلازا ۾ اچي آباد ٿئي ٿي.

سٍلويا مارننگ سائيڊ جي اوپري ماحول ۾ پنھنجي اوائلي ڏيھ بئڪ ھوم ۾ گھاريل شروعاتي زندگي ۽ ان سان سلهاڙيل يادن جي باري ۾ پنھنجي ماءُ کان پڇڻ ٿي گھري، مگر ماءُ طرفان ڪجھ به نه ٻڌائڻ جي ڪري ھٍن کي ھٍتان جو ھر منظر اوپرو ٿو لڳي. سٍلويا پنھنجي ماضيءَ ۽ پنھنجي وڃايل سڃاڻپ بابت ڄاڻڻ ٿي گھري، مگر اھو سڀ ھن لاء پراسرار راز بڻيل آهن. ان ڪيفيت ۾ ھوءَ پنھنجي وجود ۽ پنھنجي سڃاڻپ يا شناخت جي ڳولا ڪرڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش ٿي ڪري.

سٍلويا ۽ ھن جي ماءُ جي لڏپلاڻ کان ڪافي سال اڳ ۾ سندس ماسي اينا ھن شھر ڏانھن اچي چڪي آهي، جيڪا ھاڻي ھن پلازا جي انچارج يا سپرنٽينڊنٽ آھي. سٍلويا جي ماسي اينا ھڪ خوش مزاج ۽ گھڻ ڳالھائو عورت آھي، جيڪا کيس قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي ٿي رھي. اينا پنھنجي قصن جي منظر ڪشي جي ذريعي سٍلويا کي پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ٻڌائي ٿي ۽ سٍلويا اينا جي طرفان ٻڌايل قصن ۽ ڪھاڻين جي روشنيءَ ۾ پنھنجي ذھن ۾ ڪي نقش چٍٽي، پنھنجي ماضيءَ، پنھنجي شناخت ۽ ٻاروتڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.

سٍلويا اسڪول وڃي پڙھڻ ٿي گھري پر اسڪول ۾ وڌيڪ ٻارن جي گنجائش نه ھئڻ سبب کيس داخلا نه ٿي ملي، تنھنڪري اسڪول وڃي ڪتابن پڙهڻ جو موقعو نه ملڻ سبب ھوءَ پنھنجي ماحول، حالتن ۽ اپارٽمينٽ جي زبون گھرن ۾ سمايل ماضيءَ جي ڪھاڻين کي پڙھڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. سٍلويا لاءِ ڳجهارت ‘بيزٍي ڊيورا’ نالي اھا عورت به آھي، جيڪا ساڳي ئي عمارت جي آخري ماڙ تي اڏيل پئينٽ ھائوس ۾ رھي ٿي، سندس گھر تائين پھچن لاءِ ھڪ مخصوص لفٽ ٺھيل آھي، جنهن وسيلي ھوءَ اچ وڃ ڪندي آهي. اھا پراسرار عورت گھڻو ڪري رات جي وقت پنھنجن ٽن ڪتن کي ساڻ ڪري، انھن کي سير سپاٽو ڪرائڻ لاءِ نڪرندي آهي. سڄي رات گھر جي ٻاھر گذاري، اسُر ويل پنھنجي گھر ڏانهن واپس موٽندي آھي. آئيلينڊ سٽي (جيڪو نالي کان علاوہ پڻ واقعي ھڪ ٻيٽ آهي)، ان شھر  ۾ زندگيءَ جا تقريبن ست سال گذارڻ  کان پوءِ سٍلويا پنھنجي ماءَ سان گڏ ھڪ بيابان ۾ وڃي رھي ٿي، جتان جي زندگي پڻ ڏاڍي غير هموار آهي.

آمريڪا جي ناليواري ليکڪا ۽ ناول نگار جيسمٍين چئن دي نيو يارڪ ٽائيمز ۾  Tea Obreht جي لکيل ناول  The Morningsideتي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته،  ھن ناول کي اڄ جي تڪرارن، ناانصافين، ماحولياتي ۽ هنگامي حالتن ۽ سياسي ۽ نسلي ورڇ جي پس منظر ۾ پڙهڻ گھرجي. ڄاڻايل پسمنظر گڏجي ڪنهن به تباهه ٿيندڙ مستقبل جي  عنوان سان لکجندڙ ناول يعني ڊسٽوپيئن کان بہ وڌيڪ dystopian لڳن ٿا. ھوءَ لکي ٿي ته هن ناول کيس سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اميد ڀريل لھرن سان حيران ڪيو. هي اميد، ناول جي ليکڪا ٽيئا اوبريٽ جي خاندان ۽ برادري جي تصور مان اچي ٿي ۽ اهو خيال ڏئي ٿي ته ڪهاڻيون ۽ جادو، جيڪڏهن مڪمل حل يا بچاءُ جو طريقو ناھن، ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻار کي پنهنجي شناخت، پنھنجي وراثت سان ڳنڍڻ ۽ ناممڪن حقيقتن کي سمجهڻ جو گس ضرور ڏين ٿا. جيسمين وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته لوڪ ڪهاڻين ۽ حيرت سان ڀريل واقعن کي ناول ۾ شامل ڪري ٽيئا اوبريٽ پنهنجي ماحولياتي ڪھاڻي کي اوائلي بنياد ٿي ڏئي. هي اسان کي مجبور ڪري ٿي ته اسان انهي ٽٽل دنيا جو مقابلو ڪريون، جيڪا ايندڙ نسل کي ورثي طور حاصل ھوندي.  سندس مطابق ھن ناول ۾  ‘بئڪ ھوم’ نالي سان ھڪ ڏيھ جو ذڪر آهي، اھو علامتي طور ھڪ جاگرافيائي سرحد جي بجاءِ جنگين ۽ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل ھڪ ڏيھ آھي. ھي بنيادي طور تي انھن سڀني علائقن جي علامت آھي، جيڪي علائقا جنگين ۽ موسمي حالتن سبب ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا آھن ۽ اتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. بئڪ ھوم، گھر کان پري رھڻ واري پيڙاءُ ۽ ٽٽل آئيني ۾ نظر ايندڙ پنھنجو وجود يا پنھنجي سڃاڻپ جي علامت پڻ آھي. ھي ھڪ اھڙو ڏيھ آھي، جيڪو ھاڻي فقط يادن ۽ زخمن ۾ آباد ٿو رھي. سٍلويا ۽ ان جي ماءُ جي ٻولي، جنھن کي فقط Ours يعني ‘اسان جي ٻولي’ جي نالي سان ڪوٺيو ٿو وڃي، حقيقت ۾ اھا ٻوليءَ، سڃاڻپ ۽ يادگيري جي ھڪڙي اميد جي علامت آهي، جيڪا انسان کي پنھنجي ماضيءَ، پنھنجي ڳانڍاپي ۽ لاڳاپي جي ڌاڳي سان ڳنڍ ڏئي ٻڌي رکندي آهي. آئيلينڊ سٽي ماحولياتي تباهيءَ جي علامت آھي. سامونڊي طوفانن جي ڪري ٻڏي ويل ھي شھر ھاڻي ھڪ دٻجي ويل تاريخ ۽ ختم ٿيندڙ تھذيب جو منظر نامو پيش ٿو ڪري.  ھي ناول بنيادي طور تي ماحولياتي تبديلين جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ ‘ڪلائيميٽ فٍڪشن’ آهي، جنهن ۾ ليکڪا بئڪ ھوم جي تباهيءَ سان گڏ سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ويران ٿيل ھڪ شھر، آئيلينڊ سٽي جا منظر پڻ ڏيکاري ٿي.

يوگوسلاويا يا ھاڻوڪي سربيا جي شھر بلغريد ۾، 1985 ۾ جنم وٺندڙ ۽ ٻارنهن سالن جي عمر ۾  پنھنجي ماءُ سان گڏ آمريڪا شفٽ ٿيندڙ ، ھن سرب آمريڪي ليکڪا ٽيئا اوبريٽ جو پھريون ناول ‘دي ٽائيگرز وائيف’ جي نالي سان سال 2011 ۾ شايع ٿيو، جنھن کي ادبي حلقن ۽ عالمي ميڊيا ۾ ڪافي پذيرائي ملي. جڏهن ته سندس ھي زير بحث ناول ‘دي مارننگ سائيڊ’ پڻ ڪافي مشھوري ماڻي چڪو آهي. ماحولياتي تبديلين بابت سرجندڙ ادب کي پروموٽ ڪندڙ برطانوي اداري ‘ڪلائيميٽ اسپرنگ’ پاران ڪلائيميٽ فڪشن ايوارڊ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل پنجن ناولن ۾ ھن ناول کي پڻ شامل ڪيو ويو.

آمريڪي آن لائين ادبي رسالي ‘لٍٽرري حب’ کي ھڪ انٽرويو ۾ ليکڪا جو چوڻ آهي ته ھن ناول ۾ سندس خاندان سان سلهاڙيل يادگيرين جو عڪس آهي، خاص طور تي ھڪ اھڙي ملڪ جي ياد، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ھڪ مضبوط ثقافتي ۽ نسلي سڃاڻپ رکندو هو، پر پوءِ جھڳڙن، ڇڪتاڻ ۽ نقصان جي ور چڙهي ويو. انھيءَ ڪشيدگي واري ماحول ليکڪا تي گھرو اثر ڇڏيو. سندس مطابق، ھن ناول جا ڪردار پڻ ان ساڳي پس منظر ۾ بي گھر ٿيڻ، ٽٽل سڃاڻپ ۽ غير يقيني واري صورتحال بيان ڪن ٿا. ھن ناول کي ملندڙ ايوارڊ جي حوالي سان روزاني گارجين پنھنجي ھڪ ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته: ايوارڊ انھن ڪتابن کي ملندا آهن، جيڪي عام طور تي نظر انداز ٿيل ھوندا آھن. سائنسدان ڪيترن ئي سالن کان وٺي وڌندڙ گرمي پد جي باري ۾ ٻڌائي رھيا آھن، پر حڪومتن ۽ انڊسٽريز وارن ڳالھ ڪانه ٻڌي. ھاڻي ناول نگار پنھنجي تخليقن جي آڌار تي ھن مسئلي کي روشناس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ساڳي ايڊيٽوريل ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته ڪھاڻيون ڪنھن بہ مسئلي کي انگن اکرن سان پيش ڪرڻ واري طريقي کان وڌيڪ اثر ڇڏي سگهن ٿيون ۽ تبديليءَ لاء اتساھ پڻ پيدا ڪري سگھن ٿيون. ھڪ اھڙي دنيا، جنھن ۾ حقيقت فڪشن کان وڌيڪ عجيب ٿي وئي ھجي، انھي ۾ ھي انعام ضروري ۽ بلڪل اھم آھن.