روهڙي ڪئنال جو گهارو بند، 30 ڳوٺ متاثر، 4 آبپاشي عملدار معطل، ڪٽ هڻڻ تان ڇڪتاڻ
آگسٽ 7, 2024
ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم ويجهو روهڙي ڪئنال کي لڳل 100 فوٽ گهارو 60 ڪلاڪن کانپوءِ بند، 30 ڳوٺ متاثر، سوين ايڪڙ فصل تباهه، غفلت جي الزام ۾ 4 آبپاشي عملدار معطل
ڪٽ هڻڻ تان ڇڪتاڻ، ڊرائيور کي مارڪٽ، فائرنگ، رپورٽ موجب ڳوٺ عالم ڏيرو وٽان 3 ڏينهن اڳ روهڙي ڪئنال کي لڳل 100 فوٽ گهاري کي 60 ڪلاڪن کانپوءِ بند ڪيو ويو، گهاري سبب ڳوٺ عالم ڏيرو، مٺن ڏيرو، ڪريم ڏنو چنا، الهڏنو چنا، جڙيو ڏيرو، لونگ لاشاري، خادم حسين ڏيرو، ڪولهي ڳوٺ، ڪرڙ کوسو، بلاول شاھ، مٺو کوسو، مريد راڄڙ، آچر ساند، ڪي ٽو فارم سميت 30 ڳوٺ متاثر ٿيا، جن مان 20 کان مٿي ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويا، جن جا رهواسي پاڻ بچائي گهرن مان نڪري محفوظ هنڌن تي آيا
جڏهن ته بااثر ڌرين پنهنجن ڳوٺن ۽ زرعي زمينن کي بچائڻ لاءِ بند ڏئي پاڻي کي ٻين علائقن ڏانهن ڇوڙ ڪرايو، جنهن سبب وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ گهڻو نقصان ٿيو، پبلڪ اسڪول ۽ فقير شير محمد ڏيرو ڳوٺ رليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي کاڌو فراهم ڪيو ويو پر اهي متاثر جن شاخ جي بندن ۽ روڊن تي پناھ ورتي انهن جي ڪنهن به واهر نه ڪئي
گهاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند، ڪيلا، انبن جا باغ، وونڻن ۽ ڀاڄين جا فصل تباھ ٿيڻ سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهتو، هوڏانهن گهارو لڳڻ واري مامري تي غفلت ڪرڻ جي الزام هيٺ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ايگزيڪٽو انجنيئر هالا ذوالفقار سهتو، ايس ڊي او اسرار الحسنين ميمڻ، سب انجنيئر ذوالفقار سومرو ۽ داروغي اميرالدين هنڱورو کي معطل ڪري سندن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو آھي
جڏهن ته ايڪسيئن هالا جي اضافي چارج ايگزيڪٽو انجنيئر نصرت ڊويزن عطا محمد ڇڄڙو حوالي ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي رات دير سان کنڊو روڊ کي ڪٽ هڻڻ جي کڙڪ پوڻ تي ڳوٺاڻا روڊ تي پهچي ويا ۽ ڪٽ ھڻڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڳوٺاڻا سڄي رات پهرو ڏيندا رهيا، ڳوٺاڻن محمد خان ساند، حاجي محمد راهو، عبدالغفور ڪيريو، غلام رسول ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ روڊ کي ڪٽ هڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
هنن الزام هنيو ته آبپاشي کاتي وارن جي نااهلي سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا آھن، گهاري تباهي مچائي ڇڏي آھي، بااثرن پنهنجن زمينن ۽ ڳوٺن مان گهاري جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ کنڊو روڊ کي ڪٽ هڻي اسان کي ٻوڙڻ چاهيو، ڳوٺ مٺو کوسو واسين اعتراض ڪندي ڪم بند ڪرايو ۽ ايڪسيويٽر جي ڊرائيور کي مارڪٽ ڪئي ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي وئي، ان دوران هوائي فائرنگ به ڪئي وئي، جنهن سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع تي پوليس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پهچي حالتن تي ضابطو آندو ۽ هٿرادو بند ٻڌڻ وارو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو