نوري آباد ۾ سي اين جي اسٽيشن تي سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي
سيپٽمبر 30, 2024
نوري آباد (رپورٽ: عالم پالاري) نوري آباد ۾ ڪوھستان سي اين جي تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مھراڻ ڪار ۾ گيس سلينڊر ڀرڻ دوران ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنھن سبب ڪار ۾ سوار عورت رينجرز ليڊي انسپيڪٽر سيد عاصمه ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته پمپ جو مينيجر سڪرنڊ جو رهواسي ارباب علي انڙ زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ محمد خالد، امبير پالاري، رمضان بخاري شامل آھن جن کي ٽراما سينٽر نوري آباد ۾ سھولت نه ھئڻ ڪري ۽ حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، فوتي رينجرز ليڊي اھلڪار جو مڙھ تعلقه اسپتال ٿاڻو بولاخان منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عيني شاهدن موجب ڌماڪو ڪار جو سيلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو جنھن سبب ڪار جو پويون حصو مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو،ڪو ڪيس داخل نه ٿيو.