سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز لاءِ ڪميشن جو پيپر آئوٽ: اسسٽنٽ ڪنٽرولرسوڌو 8 معطل: جاچ پوليس حوالي: ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاج: باهيون: روڊ بلاڪ

فيبروري 21, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي، امتياز کوسو ۽ نادر ابڙو) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي وائکي، تعليم کاتي ۾ 16هين گريڊ جي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ( ايس ايس ٽي) واري ٽيسٽ جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ: اسسٽنٽ امتحاني ڪنٽرولر ۽ سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽرن سميت 8 ملازم معطل، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين سوالنامو آئوٽ ٿيڻ بعد 15 فيبروري کان 26 فيبروري تائين رٿيل سمورا پيپر ڪينسل ڪري ڇڏيا،  مامري جي جاچ پوليس  حوالي،  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مختلف کاتن ۾ 16 يا 17 گريڊ واري پوسٽن جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ لکت وارا امتحان مذاق بڻجي ويا آهن. ڪالهه تعليم کاتي جي 16هين گريڊ جي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر واري پوسٽ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ هزارين اميدوارن کي مختلف ضلعن مان گھرائي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظامن هيٺ امتحان شروع ڪرايو ويو، سوالنامو اميدوارن کي ملڻ بجاءِ وقت کان اڳ سوشل ميڊيا تائين پهچي ويو، سوالنامو ( پيپر) آئوٽ ٿيڻ ڪري هلندڙ امتحان دوران ئي ايس پي ايس سي اختيارين پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر وارو ٽيسٽ ڪينسل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين شروعاتي طور تي اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين عالم، سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر سجاد چاولي، سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر احسان ظهير ۽ 5 نائب قاصدن ( پٽيوالا) خان محمد شاھ، اڪبر ڏاهري، شاهزيب جعفري، شاهزيب ابڙو ۽ عزيز احمد معطل ڪيا ويا آهن.  ان حوالي سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپر آئوٽ ٿيڻ بابت معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد 15 کان 26 فيبروري تائين پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٿيل سمورا پيپر ڪينسل ڪيا ويا آهن. سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ن جي ڀرتي لاءِ ٻيهر پيپر اپريل مهيني ۾ ورتا ويندا. ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي ايف آءِ اي ۽ ٻين اداران جي مدد سان جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڪو خانگي ماڻهو يا پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪو عملدار ملوث آهي ته ان خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي واضح   رهي ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچر  جي 16هين گريڊ جي 2315 پوسٽن لاءِ  ڀرتين وارو عمل 15 فيبروري کان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ هو، جيڪو 26 فيبروري تائين مرحليوار جاري رهڻو هو. جن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن گھوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، شڪارپور، جيڪب آباد، مٽياري، ڪشمور، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو سميت سمورن ضلعن جا 3 لک 21 هزار اميدوار حصو وٺي رهيا هئا،

Leave A Comment