ڪميشن پاس اميدوارن لاءِ ويٽنگ لسٽ، ايس ايچ اوز کي پيسا خرچڻ جا اختيار، اجرت 37 هزار مقرر: سنڌ ڪابينا پاران منظوري

آڪٽوبر 12, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي لائين لاسز جي آڙ ۾ شهرين تي وڏا ڏنڊ لڳائڻ کان روڪيو وڃي. ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ريڪروٽمينٽ ريگيوليشن 2023ع ۾ ترميم جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ڪنهن اميدوار جي ڊيوٽي وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ ويٽنگ لسٽ ٺاهي سگهجي. شق نمبر 148 ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن تحت ڪميشن کي اختيار هوندو ته هو ڪنهن اميدوار جي قبول نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي کي ايندڙ اميدوار جي سفارش ڪري سگهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اڳ ئي اهڙي ويٽنگ لسٽ موجود آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي.  سنڌ ڪابينا پوليس ٿاڻن جي سڌي ريت بجيٽ ۽ ايس ايچ اوز کي ڊي ڊي اوز جا اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سڄي سنڌ جي 485 پوليس ٿاڻن کي 6 ڪروڙ 92 لک رپيا ڏنا ويندا جن ۾ ڪراچي ڊويزن جا 78 پوليس ٿاڻا شامل آهن جن لاءِ 3 ڪروڙ 38 لک رپيا بجيٽ ايندي. ٻين ڊويزنن جي 407 پوليس ٿاڻن  کي 3 ڪروڙ 54 لک رپيا ملندا. سنڌ ڪابينا سنڌ پوليس فنانشل پاورز رولز 2029ع ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت گريڊ 16 جي ايس ايچ او کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏنا ويا آهن ۽ کيس هر مهيني 2 لک رپيا ڪڍڻ جو اختيار هوندو. وڏي وزير ان فيصلي کي پوليس کي گراس روٽ ليول تي مضبوط ڪرڻ جو قدم قرار ڏنوـ  سنڌ حڪومت موجوده لوڊشيڊنگ ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نااهلي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ لوڊ مينيجمينٽ قانونن ۾ سڌارن تي پڻ زور ڏنو آهي. وڏي وزير تجويزن جي منظوري ڏيندي توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي انرجي وزارت جي پاور ڊويزن ڏانهن موڪلين. وڏي وزير چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين پاران ڊيفالٽرن سبب سڄو فيڊر بند ڪيو ويندو آهي ايتري قدر جو لائين لاسز ۽ ٽيڪنيڪل نقصانن جي سزا به صارفين کي ڏني ويندي آهي جيڪا غير آئيني آهي.  صوبائي حڪومت لوڊشيڊنگ بابت موجوده قانونن ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  امتيازي قدم آئين جي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قانون آڏو سڀ برابر آهن.  پيمرا جي تازي ٻڌڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو سميت 5 ڊسڪوز کي 2022ع ۾ حد کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪابينا غيرماهر مزدورن جي ماهوار اجرت 37 هزار رپيا، گهٽ مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 38 هزار 280 رپيا، ماهرن لاءِ 45 هزار 910 رپيا ۽ اعليٰ مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 47 هزار 868 رپيا ماهوار اجرت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

Leave A Comment