ڪمشنر راولپنڊي جا الزام: اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪاميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو
فيبروري 19, 2024
اسلام آباد (م ڊ) ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن بابت اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪاميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جاچ ڪاميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، ڪاميٽي ڪمشنر جي بيان جي ٽرانسڪرپٽ لاءِ پيمرا چيئرمين کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪاميٽي راولپنڊي ڊويزن جي سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جا بيان قلمبند ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، 6 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويندا، اٽڪ، جهلم، چڪوال، مري، راولپنڊي جي ڊي آر اوز جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، قومي اسيمبلي جي 13 تڪن تي رٽرننگ آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، ڪاميٽي صوبائي اسيملي جي 26 تڪن جي آر اوز جا بيان به رڪارڊ ڪندي،اليڪشن ڪميشن ڪمشنر راولپنڊي جي ڌانڌلي جي اعتراف ۽ الزامن بعد جاچ ڪاميٽي جوڙي هئي جيڪا 3 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي.